آمريڪي حملن سبب ايران جو بوشهر ايئرپورٽ غير فعال ٿي ويو: ايراني ترجمان

تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته تازن آمريڪي حملن کان پوءِ ملڪ جي ڏکڻ اولهه واري علائقي ۾ واقع بوشهر ايئرپورٽ غير فعال ٿي ويو آهي.

حڪومتي ترجمان فاطمه مهاجراني نيوز ڪانفرنس ۾ چيو ته ايئرپورٽ کي ٻيهر تعمير ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن وڌيڪ چيو ته بوشهر جو موسميات کاتو، جيڪو مڪمل طور تي هڪ سول ادارو آهي، تقريباً مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪو آهي.

You might also like