تل ابيب(ويب ڊيسڪ)اسرائيلي دفاع وزير اسرائيل ڪاٽز چيو آهي ته تازن هفتن دوران ايران تي هوائي حملا ڪرڻ لاءِ آمريڪي جنگي جهازن اسرائيلي هوائي اڏن تان اڏامون ڀريون.
هن چيو ته ايراني ڄاڻن ٿا ته آمريڪي جهاز هتان کان اڏامن ٿا ۽ حملا ڪرڻ لاءِ پيٽرول فراهم ڪندڙ جهاز به هتان کان روانا ٿين ٿا.
اسرائيلي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اسرائيل ڪاٽز چيو ته ايرانين هڪ ملڪ، يعني اسرائيل، کانسواءِ هر هنڌ حملا ڪيا آهن. هن چيو ته اسرائيل ايران جي توانائي مرڪزن کي نشانو بڻائڻ چاهي ٿو، پر آمريڪا هن وقت ان منصوبي سان متفق ناهي.
هن ايران کي ڌمڪي ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ايران اسرائيل تي حملو ڪيو ته ان جو ڀرپور طاقت سان جواب ڏنو ويندو ۽ اسرائيل پاڻ به ايران تي حملو ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
عرب ميڊيا موجب اسرائيل ڪاٽز جو اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن علائقي ۾ ڪجهه ڏينهن کان اڳ جي ڀيٽ ۾ امن آهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪا ۽ ايران هڪ ٻئي خلاف حملا روڪي ڇڏيا آهن.