هراري (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ زمبابوي دوري لاءِ عارضي هيڊ ڪوچ ويوي ايس لڪشمڻ نوجوان بيٽر ويڀَو سورياونشي جي شاندار ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته هو هر ميچ مان سکي ٿو ۽ مستقبل ۾ عالمي ڪرڪيٽ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
15 ورهين جي ويڀَو سورياونشي زمبابوي خلاف ٽِين ٽي ٽوئنٽي ۾ 49 بالن تي 81 رنسون ٺاهي ٽيم کي 192 رنسن تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
لڪشمڻ چيو ته اِها اننگز انتهائي ڏکئي وڪيٽ تي کيڏي وئي، جتي بال سُست هو ۽ زمبابوي جي بالرن وٽ سندس خلاف واضح رٿابندي هئي، پر ويڀَو وڏي مهارت سان ان کي ناڪام بڻايو.
لڪشمڻ چيو ته ويڀَو هر ٽريننگ سيشن ۽ هر ميچ جو جائزو وٺندو آهي، جنهن سبب سندس راند ۾ تيزيءَ سان سڌارو اچي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ”هر نئين تجربي سان هو وڌيڪ پختو ٿي رهيو آهي، ۽ اها ئي ڳالهه مون کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪري ٿي.“
هن چيو ته آءِ پي ايل ۾ راجسٿان رائلز لاءِ کيڏندي ويڀَو دٻاءُ کي جنهن نموني سنڀاليو، ان کان پوءِ زمبابوي سيريز ۾ سندس ٻه ففٽيون ڪا حيرت جي ڳالهه نه هيون.
لڪشمڻ جو چوڻ هو ته 14 يا 15 ورهين جي عمر ۾ آءِ پي ايل جهڙي وڏي مقابلي ۾ کيڏڻ پاڻ ۾ هڪ بين الاقوامي ميچ جي برابر هوندو آهي، پر ويڀَو دٻاءُ کان ڊڄڻ بدران ان کي قبول ڪيو.
لڪشمڻ موجب، ويڀَو پنهنجي پهرين بين الاقوامي سينچري نه ٺاهي سگهڻ تي مايوس هو، پر ٽيم کيس سمجهايو ته اهو سندس آخري موقعو ناهي، ڇو ته سندس سامهون ڊگهو ڪيريئر موجود آهي.
هن چيو ته ”ويڀَو وٽ اهڙو رويو، ذهني سگهه ۽ صلاحيت موجود آهي، جنهن سان هو عالمي سطح تي سڀئي رڪارڊ ٽوڙي سگهي ٿو.“
لڪشمڻ وڌيڪ ٻڌايو ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سينٽر آف ايڪسيلينس ويڀَو کي لڳ ڀڳ اڍائي سال اڳ سڃاتو هو.
ان کان پوءِ هن انڊر-19 ورلڊ ڪپ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون ۽ ڪجهه ئي مهينن اندر آءِ پي ايل ۾ پنهنجي صلاحيتن جو ثبوت ڏنو.
هن چيو ته ويڀَو جي راند ۾ رڳو معمولي ٽيڪنيڪي سڌارن جي ضرورت آهي، جڏهن ته گذريل ڇهن مهينن دوران سندس ذهني پختگي ۽ راند جي سمجهه ۾ غيرمعمولي واڌ آئي آهي.
لڪشمڻ جو چوڻ هو ته ويڀَو جي فٽنيس ۾ اڃا بهتري جي گنجائش موجود آهي، پر رڳو 15 ورهين جي عمر باوجود هو ٽيم لاءِ هر ممڪن قرباني ڏيڻ لاءِ تيار رهي ٿو.
هن زمبابوي خلاف ميچ دوران زخمي ٿيڻ باوجود ميدان تي رهڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، پر ٽيم جي فزيو کيس ٻاهر وڃڻ جو چيو.
ويڀوَ سوريا ونشي ذهين ڪرڪيٽر آهي، مون کي لڳو ٿو هو هڙئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندو: وي وي ايس لڪشمڻ
You might also like