آمريڪا ايران معاهدو لبنان تي اسرائيلي حملن سان ڳنڍيل آهي: مجتبيٰ خامنه اِي

تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي چيو آهي ته تهران ۽ واشنگٽن جي وچ ۾ ڪنهن به امن معاهدي جي بنيادي شرط لبنان تي اسرائيل جي حملن جو مڪمل ۽ بنا ڪنهن شرط جي خاتمو آهي.

مجتبيٰ خامنه اي گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته لبنان جي علائقائي سالميت جي تحفظ ۽ صهيوني حڪومت جي جارحيت جو مڪمل ۽ غير مشروط خاتمو، آمريڪا سان مڙهيل جنگ جي پڄاڻي لاءِ ڪنهن به معاهدي جي پهرين ۽ اهم شرط آهي.

هن پنهنجي ڪيترن ئي پيغامن ۾ لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله، ان جي اڳوڻي سربراهه حسن نصرالله ۽ ڏکڻ لبنان جي عوام سان به يڪجهتي جو اظهار ڪيو، جتي اسرائيلي حملن جو گهڻو مرڪز رهيو آهي.

خامنه اي چيو ته ايران انهن مظلوم پر بهادر مجاهدن جي دفاع کي پنهنجي حڪمتِ عملي واري ذميواري سمجهي ٿو.

سندس اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ سفارتي رابطن جي بحالي ۽ ڇڪتاڻ ۾ امڪاني گهٽتائي بابت خبرون گردش ڪري رهيون آهن.

تهران پنهنجي موقف تي قائم آهي ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ اسرائيل جو لبنان تي حملا بند ڪرڻ لازمي شرط آهي.

ايران جون مهيني ۾ واشنگٽن سان ٿيل مفاهمتي يادداشت جي پهرين شق ۾ به اهو مطالبو شامل ڪيو هو، پر بعد ۾ آبناءِ هرمز بابت اختلافن سبب اهو مفاهمتي عمل ٽٽڻ جو شڪار بڻيو.

You might also like