سوشل ميڊيا ذريعي دنيا ۾ آيل تبديليون ۽ اسان جو نوجوان

سليم جروار

گذريل ڪافي وقت کان سنڌ جي ادارن خاص طور "سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن” جي بدعنوانين جون خبرون عام آهن جن رپورٽون سماج، عدالت ۽ ميڊيا وٽ ڪافي قدر ثابت ٿي چڪيون. جتي مبينا طور ڪجهه ڪرپٽ ڪامورا ۽ ايجنٽ سڄي نظام کي هلائي رهيا آهن، اُهي صرف نوڪريون نه پر سنڌ جي سسٽم کي بگاڙي مستقبل جي ڪرپٽ نظام جون بنيادون وجهي رهيا آهن، اڄ رشوت عيوض ايندڙ ننڍو ڪامورو سڀاڻي پوري سسٽم تي حاوي هوندو ته ان مان ڪھڙيون اميدون رکي سگهبيون؟ نه فقط پبلڪ سروس ڪميشن ۾ مسئلو آهي پر سنڌ جي تعليمي ادارن، بورڊن ۽ يونيورسٽين ۾ نوڪريون ۽ ڊگريون پٽاٽن ۽ ٽماٽن جيان کپايون وڃن ٿيون اهو سڀ ڪجهه ڏسندي اسان جو نوجوان ڇو چُپ آهي؟

 تازو ٿوري وقت ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ مبينا بدعنوانين خلاف شاگرد ۽ نوجوان احتجاج ڪري رهيا آهن، علامه دائود پوٽا لائبريري کان ڪميشن جي آفيس تائين ٽي احتجاج ٿيا پر هر ڀيري نوجوانن جي گهٽجندڙ شرڪت ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته اسان جو نوجوان سڀ ڪجهه ڄاڻندي به الائي ڪهڙي مصلحت جو شڪار آهي ٻئي پاسي پنهنجي پاڙيسري ملڪ هندستان جي نوجوانن هڪڙي پيپر ليڪ ٿيڻ تي مودي سرڪار کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري چڪو آهي. حيدرآباد کان 11 سئو ڪلوميٽر پري دهلي ۾ شاگردن جو احتجاج عالمي ميڊيا توڙي عالمي سياست جو موضوع بڻيل آهي پر اسان وٽ پنج سئو ميٽرن تائين ٿيندڙ احتجاج ۾ ٻه ٽي سئو نوجوانن جي شرڪت ڪھڙا نتيجا ڏئي سگهندي ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي. هتي جو نوجوان جڏهن پنهنجي حقن تي لڳندڙ ڌاڙي تي ڪنھن به مزاحمت جي موڊ ۾ ناهن ته پوءِ ڏهاڪن کان هلندڙ قومپرست سياست يا سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ سرگرمين جو ڪھڙو ڪارج آهي؟ هتي اڪثر اهو تاثر ملندو آهي ته قيادت ناهي قيادت کان سواءِ جدوجھد ڪيئن ٿيندي؟

 پر منھنجي خيال ۾ اهو اسان جي ڪنھن مسئلي تي جدوجھد کان فراريت جو اهڙو بھانو آهي جيڪو اسان کي ڪجهه ڪرڻ نٿو ڏي. يا سنڌ جي سماج اهو طئي ڪري ڇڏيو آهي ته نوڪريون پئسن تي وٺڻيون آهن ته مال ڍور کپائي ۽ وڏيري جي حاضري ڀري وٺڻ ۾ ئي فائدو آهي اها روش ايندڙ نسل ۽ وقت لاءِ عظيم ڏوھ جي برابر آهي. هن وقت دنيا هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ وانگر آهي دنيا جي ڪنھن به ڪُنڊ ۾ ٿيندڙ مزاحمت يا اڀرندڙ تحريڪ جي خبر سيڪنڊن ۾ اسڪرين تي ڏسي سگهون ٿا پوءِ به سڀ ڪجهه ڏسندي اسان جي خاموشي سمجهه کان ٻاهر آهي. سوشل ميڊيا جي اچڻ کان پوءِ جين زي ڪمال ڪري ڇڏيو آهي، گذريل ستن اٺن سالن دوران دنيا جي ڪافي ملڪن ۾ نوجوانن جي مزاحمتي تحريڪن سالن کان ويٺل حڪمرانن جي اقتداري ديوارن ۾ ڏار وجهي ڇڏيا، ڪجهه ماڻهن جي قربانين اهي بُت ڪرائي ڇڏيا جن جي خوف ۽ ڏهڪاءُ سبب ڏهاڪن تائين پنھنجو نظام هلايو. نوجوانن ۽ شاگردن سوشل ميڊيا کي استعمال ڪري بغير سياسي جماعت يا قيادت جي اهي تحريڪون هلايون جن نئين تاريخ رقم ڪئي. جڏهن ته اسان وٽ نوجوان سوشل ميڊيا  کي صرف پنھنجي پذيرائي لاءِ فوٽو رکڻ ريلون ٺاهڻ ۽ مخالفن لاءِ بداخلاقي جو ذريعو ٺاهي رکيو آهي. پاڻ هتي انھن مزاحمتي تحريڪن تي نظر وجهون ٿا جيڪي نج نوجوانن پنهنجي حقن لاءِ بنا قيادت جي هلايون ۽ ڪاميابيون ماڻيون.

ڪاڪروچ جنتا پارٽي : تازو هندستان ۾ هڪ نوجوان اڀيجيت ديپڪي پاران سوشل ميڊيا تي وجود ۾ آندل طنزیہ جماعت "ڪاڪروچ جنتا پارٽي” نه فقط انڊين حڪمرانن کي پريشان ڪيو پر اها جماعت دنيا جي توجهه  جو مرڪز بڻجي وئي آهي. هيءَ اها جماعت جنھن جو اڃا تائين ڪو جسماني وجود ناهي پر هندستان جي ڪروڙين نوجوانن ان جماعت جي پليٽ فارم ۾ شموليت ڪئي آهي ۽ انھن جو مقصد آهي ته انڊيا ۾ تعليم يافته نوجوانن جي وڌندڙ بيروزگاري، امتحاني نظام ۾ خامين ۽ عدالتي بدعنوانين جو خاتمو ٿئي. هڪ ڀيرو ٻيھر ان جماعت جي فورم تي نوجوانن احتجاج پڻ شروع ڪيا آهن ۽ نيٺ هندستان جي وزير تعليم ڌرميندر پرڌان کي استعيفا ڏيڻ تي مجبور ڪيو.

نيپال : سوشل ميڊيا تي پابندي خلاف سيپٽمبر 2025 ۾ هزارين نوجوانن سوشل ميڊيا  سوشل ميڊيا کي استعمال ڪري احتجاج ڪيو، 8 سيپٽمبر کان 13 سيپٽمبر تائين پنجن ڏينهن جي احتجاج دوران ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ نيٺ وزيراعظم ڪي پي شرما اولي کي استعيفيٰ ڏيڻي پئي.

بنگلاديش جي شاگرد تحريڪ:

 2024ع ۾ بنگلاديش جي نوجوانن ۽ شاگردن سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم جي خلاف هڪ تاريخي تحريڪ هلائي. تحريڪ دوران جڏهن ملڪي ميڊيا تي پابنديون لڳيون، ته نوجوانن واٽسپ، فيس بڪ ۽ ٽڪ ٽاڪ ذريعي احتجاجن کي منظم ڪيو ۽ رياستي تشدد جون وڊيوز دنيا تائين پهچايون.

 هيءَ تحريڪ  قيادت کان سواءِ  ڪنهن هڪ سياسي جماعت جي نه پر عام شاگردن جي تحريڪ هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 15 سالن کان حڪومت ڪندڙ وزيراعظم شيخ حسينه واجد کي استعيفيٰ ڏئي ملڪ مان ڀڄڻو پيو.

سريلنڪا "ارگليا” تحريڪ: 2022 ۾ سريلنڪا ۾ بدترين اقتصادي بحران کان پوءِ عوامي احتجاج شروع ٿيا، جنهن کي Aragalya يعني جدوجهد جو نالو ڏنو ويو.هيءَ مڪمل طور تي هڪ بغير اڳواڻ جي تحريڪ هئي، جيڪا هئش ٽيگ #GoHomeGota ذريعي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي. نوجوانن ٽوئيٽر  ۽ فيس بڪ جي مدد سان لکين ماڻهن کي صدارتي محل ڏانهن گڏ ڪيو.جنھن جي نتيجي ۾ ملڪ جي طاقتور صدر گوٽابايا راجا پاڪسا کي ملڪ مان فرار ٿيڻو پيو ۽ حڪومت تبديل ٿي.

 ايران "عورت، زندگي، آزادي” تحريڪ:- 2022 ۾ مهسا اميني جي پوليس حراست ۾ فوتگيءَ کان پوءِ ايران ۾ نوجوان ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن  سخت ترين پابندين جي باوجود تاريخي احتجاج ڪيا. ايراني نوجوانن انسٽاگرام  ۽ وي پي اين جو استعمال ڪري پنهنجي آواز کي سڄي دنيا ۾ پکيڙيو. هئش ٽيگ #MahsaAmini تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ هئش ٽيگز مان هڪ بڻجي ويو. جيتوڻيڪ ايراني حڪومت سختي سان تحريڪ کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن بنا قيادت جي تحريڪ ايران جي سماجي ۽ ثقافتي نظام کي هميشه لاءِ لوڏي ڇڏيو ۽ عورتن جي حجاب جي سخت قانونن ۾ عملي طور نرمي آئي.

ڪينيا: Gen Z تحريڪ

2024 ۾ ڪينيا ۾ حڪومت پاران لڳايل نون ٽيڪسن (Finance Bill) جي خلاف اتان جي نوجوان نسل (Gen Z) پاران زبردست احتجاج ڪيا ويا. هن تحريڪ کي مڪمل طور تي ٽوئيٽر، انسٽاگرام ۽ فيس بڪ ذريعي هلايو ويو. نوجوانن بغير ڪنهن سياسي پارٽي يا قيادت جي بل جي هڪ هڪ نقطي کي سوشل ميڊيا تي ڊيڪوڊ ڪيو ۽ ماڻهن کي ان بابت آگاهي ڏني. نوجوانن پاران سوشل ميڊيا تي هلايل تحريڪ اڳيان صدر وليم روٽو کي عوامي دٻاءُ اڳيان جهڪڻو پيو ۽ هن ان تڪراري ٽيڪس بل کي واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو.

هانگ ڪانگ جا احتجاج:  2019 – 2020 ۾ هانگ ڪانگ اندر چين جي اثر خلاف نوجوانن هڪ وڏي تحريڪ هلائي، جنهن کي دنيا قيادت کان بغير تحريڪ "Leaderless Movement” جو بهترين مثال مڃي ٿي. هانگ ڪانگ جي نوجوانن پوليس کان بچڻ لاءِ ڪنهن هڪ اڳواڻ جي بجاءِ LIHKG (مقامي فورم) ۽ Telegram جو استعمال ڪيو. انهن جو نعرو هو "Be Water مطلب پاڻي وانگر بڻجو يعني جتي موقعو ملي اتي گڏ ٿيو ۽ پوليس اچي ته پکڙجي وڃو

 هن تحريڪ دنيا کي سيکاريو ته بغير ڪنهن قيادت يا اڳواڻ جي به ڊجيٽل دور ۾ ايڏي وڏي تحريڪ ڪيئن هلائي سگهجي ٿي.

اسان جو نوجوان پنھنجي حقن کي اهميت ڏئي ڪڏهن پنھنجي مستقبل کي بچائڻ لاءِ اٿندو اهو هڪ جواب طلب سوال آهي.

You might also like