پني عاقل ۾ ويڳن پٽن ڪارنهن الزام هيٺ ماءُ کي بجلي جا ڪرنٽ ڏئي قتل ڪري ڇڏيو

پنوعاقل(رپورٽ: ارشاد رستم انڍڙ) پنوعاقل ۾ ويڳن پٽن هٿان ڪارنهن الزام هيٺ عورت قتل ، لاش تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ، ٻھ ڄڻا گرفتار، پنوعاقل جي سٽي ٿاڻي جي حد بشير آباد ۾ عورت پناھ خاتون کي ويڳن پٽن مبينا طور ڪارنهن جو الزام مڙهي گھٽا ڏيڻ بعد بجلي جا ڪرنٽ ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جي اطلاع  کان پوءِ پنوعاقل پوليس مقتولا عورت جو لاش کڻائي قانوني ڪارروائي لاءِ تعلقي اسپتال پنوعاقل پهچايو، واقعي بابت مقتولا جي چاچي معراج انڍڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڀائٽي کي ويڳن پٽن ملڪيت تان قتل ڪيو آهي، بعد ۾ ڪوڙا ڊراما پيا ڪن ھاڻ چون ٿا ته هن کي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪيو آهي، ڪارنھن جو الزام بي بنياد آھي، مقتولا عورت جي پٽ چيو ته ھن جي امڙ کي ملڪيت جي معاملي تان ويڳن ڀائرن قتل ڪيو آھي، ٻئي پاسي پوليس ڪارروائي ڪندي مقتولا جي مڙس باجو انڍڙ ۽ ويڳي پٽ نظام الدين کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جي ايف آئي آر داخل  نه ٿي سگهي.

You might also like