شهدادڪوٽ (رپورٽ: رفيق ڀٽي) شهدادڪوٽ ڀرسان ٻٽو قتل، چاچي ڪارنهن جي الزام هيٺ پنهنجي غير شادي شده ڀائٽي ۽ پاڙيسري نوجوان کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، واقعو سنجر ڀٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ اڪرم جتوئي ڀرسان گهر پنهنجا ۾ پيش آيو آهي جتي فدا جتوئي نالي جوابدار ڪارنهن جي الزام هيٺ پنهنجي 20 ورهين جي غير شادي شدھ ڀائٽي فوزيا جتوئي ۽ 25 ورهين جي پاڙيسري نوجوان سيد امتياز شاھ کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويو، اسپتال مان لاش کڻائي وڃڻ دوران مقتول نوجوان جي والد صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي جتوئين سان ڪا به دشمني ناهي، پوءِ خبر نه آهي ته ڇو قتل ڪيو اٿن، جيڪڏھن انهن منهنجي پٽ کي ڏوهي قرار ڏئي قتل ڪيو آهي ته ان جي به اوڙي پاڙي کان جاچ ڪنداسين، باقي ٻڌڻ ۾ ٿو اچي ته گهران سڏي ڪري کيس قتل ڪيو آهي، ٻي پاسي مقتول ناري جي هڪ وارث عورت ٻڌايو ته اسان گهر ڀاتي رونبي تي ويل هئاسين،واپس اچي ڏٺوسي ته فوزيا ۽ پاڙي واسي امتياز شاھ جا لاش پيل هئا، هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار فدا جتوئي پنهنجي غير شادي شده ڀائٽي فوزيا ڌيءَ علي بخش جتوئي ۽ پاڙيسري نوجوان امتياز شاھ کي ڪارنهن جي الزام هيٺ فائرنگ ڪري قتل ڪيو.