سنڌي ٻولي جو خوبصورت ۽ محبوب شاعر سيد اظهر گيلاني

عبدالحئي ڀٽو

ماڻهو سڀ نه سَهڻا، پکي سڀ نه هنج،

ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي. (ڀٽائي)

سنڌ ته سنڌ ئي آهي، سنڌ ڌرتي جي ڪهڙي تعريف ڪجي. هن هر پهر پنهنجي ڪک مان عظيم ۽ سُورهيه ماڻهن کي پيدا ڪندي رهي ٿي. انهن مان سيد اظهر گيلاني به هڪ آهي، جنهن کي سڄي سنڌ ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو، هن پنهنجي زندگي ۾ سنڌي ادب کي سگهارو بنائڻ لاءِ پنهنجا 200 کان وڌيڪ ڪتاب لکي پاڻ کي وڏو شاعر ۽ ليکڪ مڃرايو. انهيءَ جي خوبصورت تحريرن ۾ سچائي جو عڪس نظر اچي ٿو. هن جي شخصيت هڪ مدبر هئي. سيد اظهر گيلاني سنڌ جي سامراج وڏيرن خلاف آواز شاعري ذريعي اٿاريو. هو هڪ وڏو ديس پرست شاعر هو. هن کي سنڌ سان بيحد محبت هئي، تڏهن ته هڪ جاءِ سنڌ جي سرزمين لاءِ اظهر گيلاني لکي ٿو، ته:

سنڌ جو آھي مٿاهون مان۔ سنڌ جو ويري ٿيندو ڍيري،

ڪير رسائيندو نقصان۔ سنڌ جو ويري ٿيندو ڍيري.

(اظهر گيلاني)

سيد اظهر گيلاني سنڌي ادب، ثقافت ۽ لوڪ ادب جو انقلابي نالو آهي، جنهن پنهنجي قلمي ۽ علمي جاکوڙ سان سنڌي ادب ۽ صحافت جي خوب خدمت ڪئي. هن پنهنجي شاعري ذريعي حق، سچ ۽ سنڌ دشمن عنصرن خلاف جهاد ڪيو. هو هڪ علم، ادب ۽ صحافت جو ڀنڊار هو. هن پنهنجي حياتيءَ ۾ مونجهارن ۾ ورتل سنڌ دوست ماڻهن جي ذهني تربيت ڪئي. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته سيد اظهر گيلاني سڄي سنڌ سان گڏ گهوٽڪي جي ادبي، صحافتي ۽ علمي تحريڪ جو نالو آهي. سندس ٻاريل ادبي ۽ علمي چراغ کي ان جا شاگرد ۽ دوست اجهامڻ نه ڏيندا.

اظهر نظم ۽ نثر جو بي تاج بادشاهه هو، جيڪو پنهنجن انقلابي ۽ سهڻن تخليقن ذريعي سنڌ واسين وٽ هميشه زنده رهندو. هن سنڌي ادب، سنڌي ٻاراڻي ادب ۽ سنڌ جي ادبي تنظيمن ۾ نئون روح ۽ جذبو آندو. اظهر گيلاني چوندو هو ته حسن جي ساراهه هر شاعر کي ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اڪثر تخليقڪار پنهنجن لکڻين ۾ حسن جي ڳالهه ڪندا آهن. سيد اظهر گيلاني پنهنجي شاعري ۾ گهڻي کان گهڻو پيار جو ذڪر ڪيو آهي ۽ هڪ جاءِ هو عشق جا رنگ، ڍنگ ۽ روپ هن طرح بيان ڪري ٿو ۽ چوي ٿو، ته:

ٿي عشق ۾ اهڙي حالت آ، رئندو به رهيس کلندو به رهيس،

هي چرچو ناه حقيقت آ، رئندو به رهيس کلندو به رهيس،

هڪ مست نظر آ، مست ڪيو اک لڳڻ سان عقل ۽ هوش ويو،

ٿي طاري مونتي وحشت آ، رئندو به رهيس کلندو به رهيس،

جي راز ۾ آهين اچين وڃين جي چڙين ته ڌوران ڪين ڏسين،

تنهنجي ياري مثل طبيعت آ، رئندو به رهيس کلندو به رهيس.

سيد اظهر گيلاني ماڻهن کي انسانيت جو درس ڏنو ۽ امن جي واٽ ڏيکاري. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ سنڌ جي ماروئڙن ۽ پيار ڪرڻ وارن ماڻهن کي هزارن جي تعداد ۾ سچ ۽ سونهن جهڙيون خوبصورت تحريرون ڏنيون ۽ ماڻهن کي حقن گهرڻ جي زبان ڏني. سيد اظهر گيلاني سنڌي شاعري ڪرڻ سان گڏ اردو، فارسي ۽ سرائيڪي ٻولين ۾ به شاعري ڪئي. اظهر اتحاد، ٻڌي، امن، پيار ۽ پريت جو هڪ ادارو هو، جنهن جو اسين حياتي ۾ قدر ڪونه ڪيوسين. هو هڪ بيباڪ لکاري هو. سندس ڏات ۽ ڏانءُ سان اسان اڳتي وڌي سگهون ٿا. هن جي صوفين، درويشن ولين ۽ سنتن سان ياري هوندي هئي. انهن سان راتين جون راتيون محبت ڀريون ڪچهريون ڪندو هو، سائين اظهر گيلاني جي جيتري به تعريف ڪجي اها ٿوري آهي.

اڄ 22 جولاءِ 2026ع تي 20 هين ورسي جي موقعي تي ڪجهه محبت ڀريون سٽون لکيون آهن، جيڪي سندس حضور ۾ قبول پون. آئون پنهنجو ليک سائين اظهر گيلاني جي هيٺين سٽن سان ختم ڪريان ٿو:

ناز سان اکيون کڻي، مون ڏي نھاريندو نه ڪر،

مان مئل آهياڻ اکين جو، مونکي ماريندو نه ڪر،

اچجي وڃي ۾ پاڻ ۾ اچ وڃ سان الفت ٿي وڌي،

روز مل مونسان ملڻ ۾ ڏينهن کاريندو نه ڪر،

جيڪي چوڻو آ چئي ڏي ڪنڊ ۾ ٻيو ڇو ٻڌي؟

ويهي محفل ۾ تون مونتي زهر هاريندو نه ڪر.

(اظهر گيلاني)

You might also like