معصوم ٻارن جي بازيابي لاءِ ٻٻرلوءِ ڌرڻو ۽ هڪ ماءُ جي صدا

گلشن سنڌو

هڪ ماءُ آهيان، لکڻ بدران هانءُ ڦاڙي روئڻ تي دل چئي رهي آهي، هر ڏينھن ڪاري رات کان به بدتر ٿيندو ٿو وڃي هتي، دل ته چوي ٿي رات جو ڏيئو ٻارڻ بدران ڏينھن جو ٻاري انڌي سماج کي ٻڌايان ته هتي ظلم آهي هتي روشنيءَ جي ضرورت آهي هتي علم ۽ احساس جي ضرورت آهي.  هر نئين ڏينھن نئون درد نئين پڪار نئين دانھن نئون نوحو جنم وٺي ٿو پر هتان جا ذميوار ادارا اگھور ننڊ ستل آهن انھن کي جاڳائڻ لاءِ وس ڪيا وڃن ٿا پر انھن جي اکين تي سجاڳيءَ جي سينَ نه ٿي پھچي.

پنجن سالن کان معصوم هندو نياڻي پريا ڪماري گم آهي ان لاءِ احتجاج ڪيا وڃن ٿا پر سنڌ سرڪار پنھنجي حڪمراني جي نشي ۾ ڌت ان درد کان بيخبر رهي ٿي.  سوشل ميڊيا تي لاڙڪاڻي جي اديب رستي ۾ چوني سان پريا جي آزاديءَ لاءِ چاڪنگ ڪئي آهي ۽ لائوڊ اسپيڪر تي شھر ۾ دانھون ڪيون آهن ته پريا ڪماريءَ کي آزاد ڪيو وڃي.  حيرت جي ڳالهھ ته اها آهي جو هندو مُکي ان ستم تي خاموش آهن ۽ پريا جي آواز نه ٿا اٿاري سگهن.

پريا ۽ اجالا پروين جي رهائيءَ لاءِ سکر ٻٻرلو ۾ احتجاج ڪيو ويو آهي ڪيترن ئي ڏينھن کان اتي ڪيترائي متاثر خاندان اچي ويا آهن جن جا ٻچڙا سالن کان گم آهن هاڻي سوال اهو جنم وٺي ٿو ته اسان ڪھڙي ملڪ ۾ رهون ٿا جتي اسان جا ٻچڙا به محفوظ ناهن؟  ڇا اسان ووٽ ڏئي ظالم حڪمرانن کي طاقت ڏئي رهيا آهيون جيڪي اسان جي ٻچن لاءِ به ڪجهھ ڪرڻ کان سنئون سڌو انڪار ڪري رهيا آهن؟

اسانکي هاڻي پنھنجي ٻچن جي آزاديءَ لاءِ ڳالھائڻو پوندو ۽ عملي طور قدم کڻڻو پوندو ڇو جو هن چرٻٽ راجا جي راڄ ۾ ڪجهھ به محفوظ نه ٿو رهي سگهي. هڪڙي پريا يا اجالا سولنگي ناهي ڪيتريون ئي نياڻيون ظلم جو شڪار ٿيون آهن. راڻي پور ۾ پيرن جي حويليءَ ۾ معصوم نياڻيءَ سان زنا ڪري ماريو ويو چار ڏينھن ڪورٽ ۾ ڪيس هليو پوءِ ساڳيو جوابدار آزاد ٿي ويو ڇا اهو انصاف آهي هن ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ جي معصومن لاءِ؟

سنڌ جي اديب کي ان ظلم خلاف آواز اٿارڻ گهرجي مسلسل عمل جي صورت ۾، ڇو جو جيستائين ظلم خلاف نه ٿو لکجي تيسائين قلم جو حق ادا نه ٿو ٿئي.

مان هڪڙي ماءُ آهيان مونکي عملي طور همدري آهي انھن امڙين سان جن جا معصوم ٻچا گم آهن.

جڏهن رات جي سانت پير ڊگھا ڪندي هوندي تڏهن امڙين جا منھن مونن ۾ اچي ويندا هوندا. جڏهن ڪا ماءُ پاڙي ۾ ڪنھن بچي کي لوري ڏيندي هوندي تڏهن پريا جي ماءُ جو جگر ڦاٽندو هوندو.

جڏهن ڪنھن جي معصوم ڌيءَ جي کنڀڻ جي ڳالھ ٿيندي هوندي تڏهن اجالا جي ماءُ رب کي سڏي چوندي هوندي ڪٿي آهين مظلوم نياڻين جا خدا؟ تون پنھنجي ٻاجهھ ڪر. سنڌ  صوفين جي سرزمين آهي سچل ۽ ساميءَ جي ڌرتي آهي جھوڪ ڌڻي ۽ لطيف سرڪار جي ڌرتي آهي امن جي آيت آهي هن ڌرتيءَ جي ٻچن کي آزاد ڪيو وڃي. پريا ۽ اجالا سميت جيڪي به معصوم ٻار گم ٿيل آهن جيڪڏھن اهي آزاد نه ٿا ڪرايا وڃن ته پوءِ سنڌ حڪومت ۽ قانوني ادارن لاءِ اڻکٽ سوال جنم وٺندا آهن ۽ انھن جي سياسي پاليسي پڌري ٿي پوندي عالمي سطح تي بدنامي پڻ ٿيندي ته پاڪستان اهو ملڪ آهي جنهن ۾ معصوم ٻچڙا به محفوظ ناهن.

هينئر سوشل ميڊيا جو زمانو آهي هتي ظلم خلاف لکڻ لاءِ ڪائي به حد ناهي. سنڌ ۾ هزارين تڪليفون اول ئي موجود آهن جن سان عام ماڻھو جهيڙي رهيو آهي مٿان وري معصوم ٻچڙن سان ظلم و ستم برداشت کان ٻاهر آهي. معصوم ٻچڙن جي رهائيءَ لاءِ هر عورت کي سکر ٻٻرلو ۾ پرامن احتجاج ۾ شامل ٿيڻ گهرجي ڇو جو فطرت ۾ هر ماءُ جو درد ساڳيو آهي. اهڙي طرح هر ڀاءُ هر پيءُ تي فرض ٿئي ٿو ته ان احتجاج ۾ شامل ٿئي ۽ معصومن جي رهائيءَ لاءِ آواز بڻجي. ظلم ۽ ظالم جي طاقت تيستائين آهي جيسيتائين مظلوم ڪڇي نه ٿو.

حضرت امام حسين عليه السلام جو فرمان آهي پنھنجن حقن لاءِ جيترو دير سان اٿندئو ايتري وڏي قرباني ڏيڻي پوندي اوهان کي. اٿو اٿو لکو لکو ڪڇو ڪڇو پڇو پڇو ڪٿي آهن اسان جا ٻچا ڪنھن کسيا آهن اسان کي ٻچا ڪير ڇڏرائي ڏيندو ؟ اهو سوال ئي سجاڳيءَ جي سينَ آهي اهو سوال ئي سُتيءَ جي ڪنَ ۾ سڏڪو آهي ڀُڻڪو آهي. قرآن شريف ۾ رب پاڪ واضع ٻڌايو آهي ته مان ان قوم تي رحم نه ٿو ڪريان جيڪا قوم پاڻ تي رحم نه ٿي ڪري.

هن رياست جي سِرَ تي اهو سھرو آهي اسلامي جمهوري پاڪستان، هاڻي قرآن شريف ۾ رب العالمين فرمائي ٿو ته رحم جو واضع رستو آهي، پاڻ تي رحم ڪرڻ گهرجي رياست کي پنھنجي بقا خاطر عوامي اهنجن کي سمجهي عمل ڪرڻ گهرجي. سنڌي قوم صدين کان قرباني ڏئي عزت ڪمائي آهي پر ارڙهن سالن کان جيئن پ پ جي اقتدار ۾ آئي تيئن سنڌ جي ماڻھن ووٽ جي  قرباني ڏئي ذلت ماڻي آهي. پيار ۽ پاپ جو جڏهن پيالو ڀرجي ويندو آهي تڏهن وھڻ لڳندو آهي ۽ ان جو رستو فطري هوندو آهي نفي ۽ نقصان جو سوچيندو ناهي. موجوده سنڌ جي سيني ۾ نسورو درد ئي ڌڙڪي رهيو آهي جنهن کي زباني آٿت نه پر عملي پھي جي ضرورت آهي. معصوم ٻچن جي آزادي گهرجي ٿي، معصوم زندگين کي فطرت جي رستن جيئڻ ڏنو وڃي جيئن رب پاڪ فرمايو آهي مون ٻار کي فطرت تي پيدا ڪيو آهي.

مان هڪڙي ماءُ آهيان مونکي ممتا بيچين ڪري رهي آهي، پريا هجي يا اجالا، فاطمه ڦررڙو هجي يا ٻي ڪا معصوم ڌيئڙي، ڪنھن کي باندي نه بڻايو وڃي. سھڻي پارس جي اڳواڻيءَ ٻٻرلوءِ ۾ اڃان احتجاج جاري آھي پر ڪنھن کي جونءِ ئي نه پئي چُري افسوس. مان لکي نه پر روئي رهي آهيان مونکي روئڻ ۽ لکڻ جو جنهن حق ڏنو آهي اهو ئي قلم  منھنجي ساھن جو همسفر ھمراز ۽ هم خيال آهي. منھنجي ممتا ماتم ڪرڻ سان گڏوگڏ وار ڇوڙي سنڌ حڪومت ۽ قانوني ادارن جو در کڙڪائي چوي ٿي سنڌ مان کنڀي گم ڪيل معصوم کي آزاد ڪرايو وڃي.

You might also like