واٽس ايپ ۾ دوستن، يارن ۽ پرين پيارن کي سارڻ لاءِ انوکو فيچر متعارف

واٽس ايپ هڪ دلچسپ نئين فيچر تي ڪم ڪري رهي آهي، جيڪو واهپيدارن کي پنهنجي دوستن ۽ گهرڀاتين جي سالگرهه ياد ڏيارڻ ۾ مدد ڏيندو.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، اينڊرائيڊ جي بيٽا ورزن ۾ برٿ ڊي ريمائنڊر فيچر جي آزمائش جاري آهي.
ان فيچر ذريعي واهپيدارن کي الڳ ڪيلينڊر ايپس استعمال ڪرڻ بدران واٽس ايپ اندر ئي محفوظ رابطن جي سالگرهه بابت نوٽيفڪيشن ملندا.
رپورٽ موجب، نوٽيفڪيشن ملڻ کانپوءِ واهپيدار سڌو سنئون چيٽ کوليندي پنهنجي دوست يا مائٽ کي سالگرهه جون واڌايون ڏئي سگهندا.
واٽس ايپ هڪ الڳ ”Birthdays“ سيڪشن تي به ڪم ڪري رهي آهي، جتي محفوظ رابطن جون سالگرهه واريون تاريخون هڪ هنڌ ڏسي سگهبيون، جنهن سان اهم تاريخن تي نظر رکڻ وڌيڪ سولو بڻجي ويندو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هي فيچر رڳو تڏهن ڪم ڪندو، جڏهن توهان جي رابطن ۾ شامل ماڻهن واٽس ايپ تي پنهنجي ڄمڻ جي تاريخ شامل ڪئي هوندي، ٻي صورت ۾ برٿ ڊي ريمائنڊر دستياب نه هوندو.
رپورٽ موجب، في الحال هي فيچر آزمائشي مرحلي ۾ آهي ۽ عام واهپيدارن لاءِ جاري ٿيڻ کان اڳ ان ۾ وڌيڪ ڦيرڦار به ڪري سگهجي ٿي.

You might also like