ڪهڙي مواد تي يوٽيوب پئسا نه ڏيندو؟ واهپيدار لاءِ اهم خبر اچي وئي

يوٽيوب هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي (اَي آءِ ) ٽيڪنالاجي ذريعي تيار ڪيل وڊيوز بابت پنهنجون پاليسيون وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيون آهن، جنهن جو مقصد غير معياري اي آءِ ۽ نقصانڪار وڊيوز جي روڪٿام يا اهڙين وڊيوز مان آمدني حاصل ڪرڻ کي ناممڪن بڻائڻ آهي.
سولن لفظن ۾ هاڻي جڏهن يوٽيوب تي ڪيترائي واهپيدار اي آءِ ٽولز استعمال ڪري وڊيوز تيار ڪري رهيا آهن ته ان حوالي سان پاليسين کي وڌيڪ واضح ڪيو ويو آهي.
يوٽيوب طرفان ڄاڻايو ويو آهي ته اهي پاليسيون مڪمل طور نيون ناهن، پر هاڻي انهن کي لفظي طور وڌيڪ واضح ڪيو ويو آهي.
ڪمپني موجب، پاليسين ۾ هاڻي اي آءِ ذريعي تيار ٿيل اهڙي مواد تي ڌيان ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ هڪ ئي شيءِ کي بار بار ورجايو وڃي يا اهڙو مواد هجي جيڪو ذهنن تي ناڪاري اثر وجهي.
اهڙيون ڪجهه وڊيوز پليٽفارم تي موجود رهي سگهن ٿيون، پر انهن مان آمدني حاصل نه ٿيندي ۽ نه ئي اِهو مواد سفارش (ريڪمنڊيشن) ۾ شامل ڪيو ويندو.
ڪمپني موجب، واهپيدارن کي مواد جي معيار ۽ تناظر بابت سوچڻو پوندو.
يوٽيوب وڌيڪ ٻڌايو ته ڪارائتي اي آءِ مواد کي اسپام تي ٻڌل اي آءِ وڊيوز کان ڌار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
اسپام مان مراد اهڙو وڊيو مواد آهي، جنهن ۾ معيار جو خيال رکڻ بنا وڏي انگ ۾ وڊيوز پوسٽ ڪيون وڃن.
حقيقت ۾ ڪمپني جو مقصد اهو آهي ته اي آءِ ٽولز جو استعمال ته ٺيڪ آهي، پر واهپيدار وڊيوز ۾ ڪجهه حقيقي ۽ اصل مواد به شامل ڪن.
ڪمپني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته نئين اپڊيٽ ۾ گهڻو ڪري موجوده قانونن کي وڌيڪ بهتر نموني واضح ڪيو ويو آهي، جيئن واهپيدار کي اوچتي ڪريڪ ڊائون کي منهن نه ڏيڻو پوي.

You might also like