نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي آبناءِ هرمز ۾ ايراني حملن دوران جهاز جي عملي ۾ شامل هڪ ڀارتي شهري مارجي ويو، جڏهن ته 10 ڀارتي شهري زخمي ٿي پيا آهن.
ڀارتي پرڏيهي وزارت جي بيان موجب، رات جي وقت عمان جي سامونڊي ڪناري ويجهو ٻن آئل ٽينڪرن البهيه ۽ مومباسا کي ايراني ڪروز ميزائلن ذريعي نشانو بڻايو ويو. ٻنهي جهازن تي مجموعي طور 46 ماڻهو سوار هئا.
پرڏيهي وزارت جي ترجمان رنڌير جئسوال سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته البهيه تي سوار 12 ڀارتي شهرين مان هڪ ڄڻو حملي ۾ مارجي ويو، جڏهن ته هڪ زخمي ٿيو.
بيان موجب مومباسا تي 18 ڀارتي شهري سوار هئا، جن مان 9 زخمي ٿيا، جڏهن ته ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
ڀارتي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته هن ايراني ناظم الامور کي طلب ڪري حملن خلاف سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڀارت انهن حملن، سامونڊي رستن تان گذرندڙ ماڻهن کي نشانو بڻائڻ ۽ آبناءِ هرمز جهڙي بين الاقوامي آبي لنگهه ۾ آزاد ۽ محفوظ جهازراني کي متاثر ڪندڙ پرتشدد ڪاررواين جي سخت مذمت ڪري ٿو.