ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ به سون جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو 5 هزار 600 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 24 هزار 136 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 4 هزار 801 رپيا لاٿ کانپوءِ 3 لک 63 هزار 628 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 56 ڊالر سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 هزار 17 ڊالر تي پهچي ويو آهي
.