اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) زيراعظم شهباز شريف سعودي عرب تي ٿيل حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان برادر اسلامي ملڪ سعودي عرب سان مڪمل ايڪي جو اظهار ڪري ٿو.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم چيو ته گذريل رات سعودي عرب خلاف ڪيل کليل حملن جي پاڪستان سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو.
هن چيو ته اهڙا مذمت جوڳا حملا سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي ڀڃڪڙي آهن، جيڪي خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي وڌيڪ نقصان پهچائي سگهن ٿا.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام، سلامتي ۽ گڏيل مفاهمت کي هٿي ڏيڻ لاءِ هر مخلصاڻي ڪوشش جي حمايت جاري رکندو.
واضح رهي ته يمن ۾ ايران جي حمايت يافته حوثي گروپ دعويٰ ڪئي آهي ته هن سعودي عرب جي ابها بين الاقوامي هوائي اڏي کي بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرونز ذريعي نشانو بڻايو.
حوثين جي ترجمان يحييٰ سريع موجب، اها ڪارروائي صنعا بين الاقوامي هوائي اڏي تي سعودي حملن جي جواب ۾ ڪئي وئي.
ياد رهي ته گذريل سال سيپٽمبر ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ دفاعي سهڪار ۽ سلامتي بابت اسٽريٽجڪ معاهدو ٿيو هو، جنهن تحت ڪنهن هڪ ملڪ خلاف بيروني جارحيت کي ٻنهي ملڪن خلاف جارحيت تصور ڪيو ويندو.