ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت جي سنڌ منيمم ويجز بورڊ صوبي جي سڀني صنعتي ۽ واپاري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ غير ماهر بالغ ۽ نوجوان مزدورن لاءِ گھٽ ۾ گھٽ اجرت 43 هزار رپيا مهيني مقرر ڪرڻ جي سفارش جاري ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ باضابطه نوٽيفڪيشن سنڌ گورنمينٽ گزيٽ ۾ شايع ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب تجويز ڪيل گھٽ ۾ گھٽ اجرت 207 رپيا في ڪلاڪ، 1,654 رپيا روزانو ۽ 43 هزار رپيا مهيني هوندي. اهي شرحون سنڌ صوبي جي سڀني رجسٽرڊ ۽ غير رجسٽرڊ صنعتي ۽ واپاري ادارن تي برابر لاڳو ٿينديون، جڏهن ته حتمي منظوري کانپوءِ ان جو اطلاق 1 جولاءِ 2026ع کان ٿيندو. سنڌ منيمم ويجز بورڊ عوام، آجرن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي چيو آهي ته اهي نوٽيفڪيشن جي اشاعت جي 14 ڏينهن اندر پنهنجون تجويزون يا اعتراض تحريري طور بورڊ ڏانهن موڪلين. مقرر مدت گذرڻ کانپوءِ مليل اعتراضن تي غور نه ڪيو ويندو.نوٽيفڪيشن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته گھٽ ۾ گھٽ اجرت هر قسم جي مستقل، عارضي، ڪانٽريڪٽ، روزانو اجرت ۽ پيس ريٽ ملازمن تي لاڳو ٿيندي، جڏهن ته جن مزدورن کي اڳ ۾ ئي ان کان وڌيڪ اجرت ملي رهي آهي، انهن جي پگهار ۾ ڪابه گهٽتائي نه ڪئي ويندي.