اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه چيو آهي ته اتفاق راءِ سان قانون سازي ڪئي پئي وڃي، ٽيليڪام بل ذريعي ڪنهن جي به ذاتي زمين ۽ ملڪيت تي زبردستي قبضو نه ڪيو ويندو. وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه چيو ته عوام ۽ پارليامينٽ کي ٽيليڪام بل بابت آگاهي ڏيڻ تمام ضروري آهي، پراڻو ٽيليڪام قانون موجوده دور جي ضرورتن سان مطابقت نٿو رکي، بل جو مقصد وزيراعظم جي ويزن مطابق انٽرنيٽ جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ آهي. آئي ٽي بل 6 مهينن تائين قومي اسيمبلي ۾ رهيو، بل سينيٽ کان ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو ۽ روڪيو ويو، جيڪو جمهوريت جو حسن آهي. هن چيو ته بل قومي اسيمبلي 6 ترميمن سان منظور ڪيو. بل بنيادي طور تي هائوسنگ سوسائٽين سان لاڳاپيل هو جيڪي معاهدن تي دستخط ڪن ٿيون ۽ پوءِ واپس وٺن ٿيون. جيڪڏهن ڪو شهري پنهنجي ذاتي ملڪيت انٽرنيٽ لاءِ ڏيڻ نٿو چاهي ته اهو سندس قانوني حق آهي.شزا فاطمه خواجه چيو ته بل جي حوالي سان منهنجي ۽ سيڪريٽري آءِ ٽي خلاف ميڊيا ۾ غير ضروري شور مچايو ويو. هن وزيراعظم کان بل جي حوالي سان لڳايل الزامن جي جاچ ڪرائڻ جي درخواست ڪئي.