مخالفن خلاف ادارا استعمال ڪرڻ سان توهان اخلا قي جواز وڃائي ڇڏيو ٿا: سعد رفيق

لاهور(بيورو)مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق ملڪ جي سياسي صورتحال، پارليامينٽ جي ڪمزور ٿيندڙ حيثيت ۽ مخالفن خلاف رياستي ادارن جي استعمال تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن هڪ ٻئي کي ڪيرائڻ کان فرصت ملي ته ملڪ کي دلدل ڏانهن وڌڻ کان روڪڻ بابت به سوچڻ گهرجي.سماجي رابطن واري پليٽفارم ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ڏهاڪن جي غفلت ۽ اقتداري سازشن سبب سياسي جماعتون ۽ پارليامينٽ پنهنجي وقار جي آخري حد تائين پهچي چڪيون آهن. جيڪڏهن سياسي جماعتون پنهنجي تنظيم، اندروني جمهوري روايتن، ميرٽ ۽ مخالف راءِ کي برداشت ڪرڻ جي ثقافت تي ڌيان ڏين ها ته اڄ ملڪ وڌيڪ پرامن، مستحڪم ۽ جمهوري هجي ها.هن چيو ته جڏهن به ملڪ کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڪڏهن جمهوريت، ڪڏهن انصاف، ترقي، قومي مفاد، استحڪام يا قومي سلامتي جي نالي تي ان عمل کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو ويو. سندس چوڻ هو ته حقيقت اها آهي ته هن نظام ۾ ڪنهن به سياسي جماعت يا اداري جا هٿ مڪمل طور صاف ناهن.هن وڌيڪ چيو ته مخالفن کي دٻائڻ لاءِ رياستي ادارن جي طاقت تي ڀاڙيندي ڀاڙيندي شهري ۽ سياسي آزاديون تقريباً ختم ٿي وڃن ٿيون ۽ اهڙي عمل سان اخلاقي جواز به وڃائجي وڃي ٿو. شروعات ۾ اهو طريقو پنهنجي مفاد سبب مناسب لڳندو آهي، پر جڏهن ساڳيو عمل پنهنجي خلاف ٿيندو آهي ته پوءِ ان جا نقصان محسوس ٿيندا آهن.اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته نيم جمهوري سياسي جماعتون ۽ حڪومتون سٺي حڪمراني قائم ڪرڻ بدران گهڻو ڪري سڀ ڪجهه رياستي ادارن تي ڇڏي ڏين ٿيون. جڏهن حالتون وڌيڪ خراب ٿي وڃن ٿيون، تڏهن اڌ دل سان سياسي حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، جيڪا اڪثر ناڪام رهندي آهي، ۽ پوءِ قومي سلامتي جي نالي تي طاقت جو بي دريغ استعمال آخري حل سمجهيو ويندو آهي.هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن موجوده روش برقرار رهي ته آئين جي روح موجب سياست ڪرڻ وارن لاءِ سياسي ميدان وڌيڪ تنگ ٿيندو ويندو. سندس چوڻ هو ته مستقبل ۾ مختلف نالن سان ٺهندڙ ٽولا، ڪاميٽيون ۽ هٿياربند جٿا اثرانداز ٿيندا نظر اچي سگهن ٿا.خواجه سعد رفيق پنهنجي بيان جي پڄاڻيءَ ۾ چيو ته جيڪڏهن هڪ ٻئي کي پٺتي ڌڪڻ، ڪيرائڻ ۽ نقصان پهچائڻ کان فرصت ملي ته سڀني کي گهرجي ته پنهنجين غلطين تي غور ڪن ۽ ملڪ کي گڏيل طور دلدل ڏانهن وڌڻ کان بچائڻ لاءِ سنجيده قدم کڻن.

You might also like