اسلام آباد(سجاد انور) چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جيل سڌارن تي هڪ نيشنل ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن ۾ هن صوبائي حڪومتن کي چيو آهي ته سموريون حڪومتون گڏجي ڪرمنل جسٽس سسٽم ۾ سڌارا ڪن ڇو ته هي ڪنهن هڪ اداري جو ڪم ناهي. ته ان جي حوالي سان تمام گهڻا اشارا آهن ،ملڪ جي جيلن ۾ هزارين قيدي انصاف جي انتظار ۾ آهن توهان کي خبر آهي ته عدالتي سڌارن جي ڳالهه هجي يا ٻين شين تي، اها عام طور تي ڪانفرنس جي حد تائين ته ٺيڪ هوندي آهي پر هيٺين سطح تي عملدرآمد انهن شين تي ناهي ٿيندو.ڪالهوڪي ڪانفرنس ۾ مريم نواز ، مراد علي شاهه، سهيل آفريدي، سرفراز بگٽي، چار ئي سامهون ويٺا هئا ۽ هڪ پاور شو هو. پهريون ڀيرو چيف جسٽس يحيٰ آفريدي هي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي يا اهو ثابت ڪيو ته جيڪا عدليه ۾ پاور پاليٽيڪس آهي ان ۾ هن پنهنجو پاڻ کي ثابت ڪيو ته مان سپريئر آهيان. چيف جسٽس هڪ شاندار جملو چيو ته ڪجهه قيدي اهڙا آهن جن کي جيل ۾ وجهڻ کانپوءِ رياست وساري ڇڏيندي آهي، هن چيو ته سسٽم جي خرابين جو نتيجو هڪ قيدي جي زخمن کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي نڪرندو ۽ سسٽم اسان جو وساري ڇڏيندو آهي ڪنهن کي جيل ۾ وجهڻ کانپوءِ. ڇا سسٽم کي ياد آهي ته هڪ اڳوڻو وزيراعظم به سندن جيل ۾ آهي جنهن جو نالو عمران خان آهي؟ ڇا ان کي سسٽم وساري چڪو آهي ته ان جا جيڪي لازمي انساني بنيادي حق آهن هڪ قيدي جي طور تي، هڪ توهان کيس سزا ڏئي ڇڏي هڪ ملزم جي طور تي ان جا حق آهن يا ناهن؟ آگسٽ کان هن جون ملاقاتون بند ڪيون، ويون آهن، هو قيدي ان ڪري بڻيو آهي ڇو ته هن اسٽيبلشمينٽ کي للڪاريو، 9 مئي ڪيو. هاڻي ته هن خلاف 9 مئي جو ڪيس به ناهي، هن جا ڪيس عدالتن ۾ التوا هيٺ آهن، هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ڪيس نه پيون ٻڌن عمران خان کان پهريان ميان نواز شريف ۽ آصف زرداري جيل ۾ هئا،عدالت ان سسٽم جي سامهون بي اختيار آهي، توهان جو عدالتي نظام ئي بي اختيار آهي، ان ڪانفرنس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ کي به دعوت ڏيڻ کپي ها ا، اڳوڻا قانون جا وزير به گهرائڻ کپن ها. پر بدقسمتي اها آهي ته توهان جڏهن هڪ وڏي پيماني تي جڏهن مٿين سطح تي ناانصافي هوندي آهي، پوءِ توهان هيٺ به ڪو انصاف نٿا ڏئي سگهو، هي هڪ الميو آهي پاڪستان جو. ۽ ان ڪري ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل تي عدالت کي بعد ۾ معافي وٺڻي پئي. هاڻي خبر ناهي انهن ماڻهن کي جيڪي توهان ناجائز گرفتار ڪيا آهن، ان جي مٿان توهان جو عدالتي نظام ڪڏهن معذرت ڪندو؟