ڪراچي (عوامي آواز نيوز) اقليتن بابت سينيٽ جي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، پريا ڪماري بازياب نه ٿيڻ تي پوليس کان سخت پڇاڻو، پوليس پريا ڪماري بابت ڪميٽي کي آزادي جي سلسلي ۾ ڪو وقت نه ڏنو، سينيٽ جي اقليتن بابت ڪميٽي جي اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ پيش نه ٿيو، ڊي آءِ جي ناصر آفتاب پيش ٿي اجلاس ۾ ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏنا، ڊي آءِ جي ناصر آفتاب پٺاڻ چيو ته پريا ڪماري معاملو ترجيح جي بنياد تي ڏسون پيا، سندس بازيابي لاءِ ڪو وقت نه ٿا ڏئي سگهون، ڊي آءِ جي ناصر آفتاب پٺاڻ سينيٽ جي اقليتن بابت قائم ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته پريا ڪماري اغوا ڪيس ۾ شڪي ڄاڻايل فريد ميراڻي گينگ جي ٻن ڄڻن کي ماريو ويو آهي. هن ٻڌايو ته پوليس ڪيس جي مختلف رخن کان جاچ جاري رکندي اڳڀرائي لاءِ ڪارروايون ڪري رهي آهي، 5 سالن دوران غلط ڊائريڪشن تي ڪم ڪيو ويو، پريا کي جلد آزاد ڪرائينداسين، اجلاس ۾ پنجو ڀيل ۽ شام سندر چيو ته پريا ڪماري جيڪڏهن قتل ٿي وئي آهي ته ٻڌايو وڃي، ڊي آءِ جي ناصر آفتاب چيو ته ڪا منفي ڳالهه نه ٿا ڪري سگهون، جلد پريا کي بازياب ڪرايو ويندو، رپورٽن موجب سينيٽ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڊي آءِ جي ناصر آفتاب وڌيڪ چيو ته هر جي آءِ ٽي ان ڊائريڪشن ۾ ڪم ڪندي رهي ته پريا ڪماري کي ڏوهاري فريد ميراڻي اغوا ڪيو آهي، فريد ميراڻي ۽ سندس ڀاءُ جي مارجي وڃڻ کان پوءِ جاچ جو اهو رخ غلط ثابت ٿيو، نئين سر جاچ شروع ڪئي آهي، سينيٽ ڪميٽي چيو ته هي اهم اشو آهي، معصوم نياڻي پنجن سالن کان گم آهي، مختلف وقتن تي ٻڌايو ويو ته بااثر ملوث آهن، اهي ڪير آهن، اشو کي مرڻ نه ڏينداسين.