اسلام آباد/لاهور(سجاد انور)سهيل وڙائچ هڪ آرٽيڪل لکيو آهي جيڪو سياسي حلقن ۾ بحث هيٺ آهي، هن لکيو آهي ته جيئن عمران خان ۽ باجوه ڪمپني نه هلي سگهي، ائين ئي عاصم منير ۽ شهباز شريف ڪمپني به نه هلي سگهندي. هي پارٽنرشپ به زوال جو شڪار ٿيندي نظر اچي رهي آهي ۽ ان جي پٺيان سبب اهي ٻڌايا پيا وڃن ته نه ته مسلم ليگ نواز ڪو سياسي بيانيو ٺاهي سگهي آهي ۽ نه ئي معيشت کي بهتر ڪري سگهي آهي. رڳو سهيل وڙائچ نه ڪافي ماڻهو ٻيا به ڳالهائي رهيا آهن. ڪيترا ئي ماڻهو جن کي عاصم منير ۽ شهباز شريف جي هي پارٽنرشپ پسند ناهي اهي اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن،. خود محسن نقوي چيو ته کيس (سهيل وڙائچ کي) ريٽائرمينٽ وٺڻ گهرجي، ڇو ته محسن نقوي اهو سمجهي رهيو آهي ته کيس ڪير فيڊنگ ڪرائي رهيو آهي،پاڪستان آمريڪا ۽ ايران ۾ ڪامياب ڳالهيون ته ڪرايون پر اقتصاديات ڪٿي بيٺي آهي؟ هاڻي حڪومت ۽ سسٽم جي احتساب جو وقت اچي ويو آهي،، معاشي واڌ ڏانهن ڪڏهن ويندئو؟ ٻئي پاسي افغانستان، انڊيا، بلوچستان ۾ شورش آهي ۽ هاڻي ڪشمير جو مسئلو به اڀري رهيو آهي، چوڻ وارا ته ائين به چئي رهيا آهن ته ٿي سگهي ٿو شهباز شريف يا مسلم ليگ نون کي چيو وڃي ته هاڻي توهان ڪوشش ڪري ڏٺي، توهان کي فري هينڊ مليو، عمران خان به جيل ۾ آهي، پر جيئن ته توهان نه ڪري سگهيا، ان ڪري ڀلي توهان پاور ۾ رهو، پارليامينٽ ۾ رهو، اسان سان گڏ رهو، پر وزيراعظم جي عهدي تي اسان جو ماڻهو اچڻ ڏيو. ٿي سگهي ٿو محسن نقوي کي وزيراعظم طور کڻي اچن. هاڻي مسلم ليگ نون ان کي قبول ڪري ٿي يا نه، ميان نواز شريف ته بالڪل نه ڪندو، مريم نواز به شايد هينئر نه ڪري، پر شهباز شريف عهدو ڇڏڻ ۾ هڪ منٽ به نه لڳائيندو، ٻئي پاسي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ احمد خان بابت چيو پيو وڃي ته هن جي پٺيان شايد اسٽيبلشمينٽ آهي ۽ هڪ متبادل ليڊر طور آندو پيو وڃي، پنجاب ۾ صورتحال هٿن مان نڪري رهي آهي، اتي رياست پنهنجي صورتحال قائم رکڻ لاءِ مريم نواز جي جڳهه ڪجهه نئون ڪرڻ چاهيندي. پر هي اهڙي سياسي انجنيئرنگ هوندي جيڪا شايد مسلم ليگ نون قبول نه ڪري جيئن ميان نواز شريف جي اسٽيبلشمينٽ سان لڙائي ٿي ته عمران خان کي رستو ملي ويو، ائين ئي جڏهن عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ جهيڙو ٿيو ته مسلم ليگ نون ۽ پيپلز پارٽي کي موقعو ملي ويو. ته هاڻي اتحادي سرڪار جو هني مون پيرڊ ختم ٿي چڪو آهي، جڏهن ته محسن نقوي کي فيلڊ مارشل نه صرف پنجاب جو وڏو وزير بڻايو، گهرو وزير بڻايو، بلڪه عالمي معاملن ۾ به هو محسن نقوي کي پاڻ سان گڏ رکندو هو. ڪجهه ماڻهو ته ائين چون ٿا ته آمريڪين سان رستو اوپن ڪرڻ ۾ به محسن نقوي جو هٿ هو. ٻئي پاسي پنجاب جي سينئر وزير مريم اورنگزيب خلاف خاموشي سان هڪ چارج شيٽ تيار ڪئي پئي وڃي، مٿس ڪرپشن جا الزام لڳي رهيا آهن، صوبي ۾ سڀ فيصلا مريم اورنگزيب ڪري ٿي ۽ ان ۾ هن تمام گهڻو پئسو ڪمايو آهي.فيصل واوڊا مطابق هن لنڊن ۾ مي فيئر ۾ هڪ فليٽ خريد ڪيو آهي.لاهور جي هڪ صحافي مطابق هو ايندڙ وقت ۾ مريم نواز جي فرح گوگي 2.0 ثابت ٿيندي؟ ڇو ته جيترا به مٿس ڪرپشن جا الزام آهن، مريم نواز اڃا تائين ان تي نوٽيس ناهي ورتو، پنجاب گورنمينٽ هر طرف کان پريشر ۾ آهي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 03 جولاءِ 2026ع تي شايع ٿيو