ڪراچي(عوامي آواز نيوز) پاڪستان جي نامياري معاشياتي ماهر ۽ نيڪسٽ ڪيپيٽل جي ڊائريڪٽر نجم علي ملڪ جي رئيل اسٽيٽ شعبي ۽ مجموعي معيشت بابت هڪ اهم تجزيو پيش ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته ڪراچي جي ڊي ايڇ اي ۾ ملڪيتن ۽ زمينن جي مجموعي ماليت تقريباً پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ درج سڀني وڏين ڪمپنين جي گڏيل مارڪيٽ ماليت جي برابر آهي.هارورڊ بزنس اسڪول ۽ مشي گن يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪندڙ نجم علي، سماجي رابطن واري پليٽفارم ايڪس تي لکيو ته سندس اندازي موجب رڳو ڊي ايڇ اي ڪراچي جي ريئل اسٽيٽ ۽ زمينن جي ماليت ايتري آهي، جيتري پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ شامل ملڪ جي وڏين ڪمپنين جي گڏيل ماليت آهي.هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ پيداواري شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ بدران وڏي پئماني تي سرمايو زمينن ۽ ملڪيتن ۾ لڳايو ويو آهي. سندس چوڻ موجب، گذريل سالن دوران رئيل اسٽيٽ شعبي ۾ آيل تيزي ڪنهن حقيقي معاشي واڌ يا قومي پيداوار ۾ اضافي جو نتيجو نه هئي، پر ان جو وڏو سبب اهو غير ٽيڪس ادا ڪيل يا ڪارو ناڻو هو، جنهن کي سرڪاري ادارن جي نظرن کان بچائڻ لاءِ محفوظ جاءِ جي ضرورت هئي، ۽ رئيل اسٽيٽ ان لاءِ مناسب ذريعو بڻجي ويو.نجم علي چيو ته ان مصنوعي مهانگائي ۽ بي ترتيب سيڙپڪاري جو سڀ کان وڏو نقصان عام شهرين کي ٿيو آهي. هاڻي خاص طور وچولي طبقي ۽ پگهاردار ماڻهن لاءِ پنهنجي ملڪ ۾ ننڍڙو گهر يا پلاٽ خريد ڪرڻ به تقريباً ناممڪن بڻجي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪيتن جون قيمتون عام ماڻهن جي پهچ کان گهڻو مٿي نڪري ويون آهن.هن وڌيڪ چيو ته اهڙي صورتحال ملڪ جي معيشت لاءِ به هاڃيڪار آهي، ڇاڪاڻ ته پيداوار وڌائيندڙ شعبن بدران سرمايو غير پيداواري اثاثن ۾ ڦاسي ويو آهي.ياد رهي ته نجم علي پاڪستان جي مالياتي مارڪيٽ سان لاڳاپيل هڪ سڃاتل ماهر آهي. هو اڳ جي ايس انويسٽمينٽس جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر پڻ رهي چڪو آهي ۽ انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽنٽس اِن انگلينڊ اينڊ ويلز (ICAEW) سان پڻ لاڳاپيل آهي. سندس هن تجزيي کي معاشي حلقن ۾ پاڪستان جي رئيل اسٽيٽ شعبي بابت هڪ اهم تنقيدي جائزي طور ڏٺو پيو وڃي.