اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) آزاد ڪشمير جي عام چونڊن جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ پاراطرفانن جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته موجودا حالتن ۾ اهي چونڊ عمل جو حصو نه بڻجندا.
واضح رهي ته آزاد ڪشمير ۾ عام چونڊون 27 جولاءِ تي شيڊول موجب ٿيڻيون آهن.
ٻئي پاسي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسيمبلي جي آئيني مدي ۽ قانوني گهرجن جي ڪري 5 جون تي چونڊ شيڊيول جاري ڪيو ويو هو.
ترجمان چونڊن جي التوا بابت هلندڙ افواهه کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته چونڊ شيڊيول ڪنهن سياسي مقصد لاءِ جاري ناهي ڪيو ويو، وقت تي چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي آئيني ذميواري آهي.
اليڪشن ڪميشن جي ترجمان واضح ڪيو ته آزاد ڪشمير ۾ شفاف، آزاداڻا ۽ غير جانبداراڻا چونڊون يقيني بڻايو ويندو.