ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جونيئر ذالفقار علي ڀُٽو خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته هاڻي جيئو ڀُٽو کي ڇڏيو، هاڻي رڳو جيئي عوام جو نعرو لڳايو وڃي.
جونيئر ذوالفقار جو چوڻ هو ته مان موروثي سياست جو مخالف آهيان ۽ انکي ٽوڙڻ چاهيان ٿو، اهو ئي سبب آهي ته مان اڄ تائين سياست ناهي ڪئي.
هن چيو ته اسانجي ڪٽنب تمام گهڻي ساک آهي، مان پنهنجي سڃاڻپ پاڻ بڻائڻ چاهيان ٿو ۽ مونکي لڳي ٿو مان ائين ڪري به ويندس.
هن جو چوڻ هو ته منهنجي نالي تي، جيڪو مونتي منهنجي ڏاڏي جو نالو رکيل آهي ان نالي جي آڌار تي سنڌ کي تباهه ڪيو ويو آهي. منهنجي ڪٽنب جي نالي ”جيئي ڀُٽو“ تي ماڻهن کي لٽيو ويو آهي، انهن کان انهن جا بنيادي حق کسيا پيا وڃن.
جونيئر ذوالفقار ڀُٽو پهريون ڀيرو ميڊيا اڳيان اچڻ واري ڏينهن کي ياد ڪندي ٻڌايو ته جڏهن مان پنهنجو خطاب مڪمل ڪيو ته پوءِ سينيٽر شهلا رضا اسٽيج تي آئي، جنهن مختلف ڳالهيون ڪيون ۽ چيو ته اسان جانورن سان پيار ڪرڻ وارا آهيون، کدڙن فقيرن کي حق ڏياريندڙ آهيون، وڻن سان پيار ڪندڙ آهيون، ”جيئي ڀُٽو“، جيئن ئي هن جيئي ڀُٽو جو نعرو هنيو ته پنڊال ۾ جيئي ڀُٽو، جيئي ڀُٽو جي گونج ٿي وئي.
جونيئر ذوالفقار ٽوڪ واري انداز ۾ کلندي چيو ته ان نعري کانپوءِ منهنجي دِل پاڻمرادو طور ڳالهه اچي وئي ته توهان ڪاٿي آهيو؟ توهان جو ڪم اهو آهي؟. جيئي ڀُٽو.
سندس چوڻ هو ته جيئي ڀُٽو نه پر جيئي عوام، صدا جيئي عوام، حق اسانجو ناهي، حق اوهان جو آهي، سنڌ جا باگڙي، سنڌ جا ڀيل ۽ ٻيا سڀ قبيلا سنڌ جا وارث آهن.