ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نامياري دانشور ۽ تجزئي نگار نصير ميمڻ چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ ”ٻوري بند لاشن“ جي سياست کي ٻيهر جيئرو ڪرڻ جون ڪوششون انتهائي افسوسناڪ آهن،جيڪڏهن ڪجهه سياسي پارٽين جو وس هلي ته اهي اها به دعويٰ ڪري سگهن ٿيون ته دنيا جو پهريون راڪيٽ لالو کيت ۾ ٺاهيو ويو هو، ڇو ته هن ملڪ ۾ افسانوي ڪهاڻين جي ڪا کوٽ ناهي.
هڪ پوڊ ڪاسٽ دوران ڳالهائيندي نصير ميمڻ اسيمبلي فلور تي ڪيل بيانن جي سخت مذمت ڪندي چيو ته هن صديءَ ۾ ويٺل ماڻهن کي تشدد ۽ لاقانونيت جي ڳالهه ڪرڻ بدران شهر جي امن ۽ ترقي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
هن چيو ته ”ٻوري بند لاش“ صرف هڪ واقعو ناهي پر اهو هڪ خطرناڪ پيڪيج آهي، جنهن ۾ ڀتا خوري، گينگ وار ۽ دهشتگردي شامل آهن. اهڙي بيان بازي شهر کي ٻيهر ان اونداهي دور ڏانهن ڌڪڻ جي برابر آهي، جنهن مان نڪرڻ لاءِ شهرين ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون آهن.
پوڊ ڪاسٽ ميزبان طرفان ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ خالد مقبول صديقي جي ان دعويٰ بابت پڇيل سوال ته ”هڪ لک ويهه هزار جانيون ڏئي پاڪستان حاصل ڪيو ويو“، ان تي ردعمل ڏيندي نصير ميمڻ چيو ته اها هڪ افسانوي ڳالهه آهي جنهن جو ڪو به تاريخي ثبوت يا مزار موجود ناهي.
هن چيو ته جيڪڏهن رڳو بيانن سان تاريخ لکي ويندي ته پوءِ مان به سڀاڻي اهو لکي سگهان ٿو ته ٻه لک سومرو ڪميونٽي جي ماڻهن جانيون ڏئي پاڪستان ٺاهيو هو، جيڪڏهن ڪنهن ۾ همت آهي ته ان جي ترديد ڪري.
هن چيو ته پاڪستان رڳو ڪنهن هڪ شهر جي قربانين سان نه پر نوشڪي، چاغي، ڊيرا اسماعيل خان، راجنپور، وزيرستان، خوشاب، قصور ۽ چولستان سميت سڄي ملڪ جي ماڻهن جي قربانين سان ٺهيو هو، تنهنڪري ڪنهن کي به اهو حق ناهي ته هو هڪ شهر مٿان ويهي اهڙا غير حقيقي بحث ڪري.
نصير ميمڻ زور ڀريو ته جيڪي ماڻهو اڄ ڪراچي يا سنڌ جي ٻين حصن ۾ رهن ٿا، اهي هن ڌرتيءَ جو حصو آهن.
هن وڌيڪ چيو ته اها هڪ زميني حقيقت آهي ته نه هتان جا مقامي ماڻهو ٻين کي ڪڍي سگهن ٿا ۽ نه ئي ٻيا مقامي ماڻهن کي ڪڍي سگهن ٿا. تنهنڪري سياسي قيادت کي گهرجي ته اهڙي نفرت جوڳي سياست کان پاسو ڪري پنهنجي توانائي شهر جي بحاليءَ تي خرچ ڪري.