اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته هو آزاد ڪشمير ۾ جاري ڇڪتاڻ مان نڪرڻ جي حمايت ڪري ٿو ۽ جيڪڏهن مولانا فضل الرحمان ڳالهين ذريعي ڪا حڪمت عملي ڪڍي ٿو ته اها سٺي ڳالهه هوندي.
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ۾ موجود ڪشميري مهاجرن جون اڻ ڳڻيون قربانيون آهن، مهاجرن کي انهن جي سيٽن کان محروم ڪرڻ درست عمل ناهي.
هن چيو ته ڪشميرين کي هو ٽن حوالن سان سڃاڻن ٿا، هڪ اهي ڪشميري آهن جيڪي 75 سالن کان والاريل ڪشمير ۾ قربانيون ڏئي رهيا آهن، جن جي پاڪستان سان لازوال محبت آهي، ٻئي نمبر تي اهي ماڻهو آهن جن ورهاڱي وقت هجرت ڪئي، انهن مهاجرن جي سيٽن کي تڪراري بڻايو پيو وڃي، ٽِين ڪيٽگري ۾ آزاد ڪشمير جا رهواسي آهن.
هن چيو ته پهرين ٻن ڪيٽگرين ۾ قربانيون ڏيندڙ ڪشميرين کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.
خواجا آصف وڌيڪ چيو ته ڀارتي پنجاب مان لکين ماڻهو هتي آيا ۽ قربانيون ڏنيون، جيڪي مهاجر هتي آيا انهن جو استحقاق وڌيڪ آهي. هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته 1947ع کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ جيتريون قربانيون ڏنيون ويون آهن ايتريون هتي ناهن ڏنيون ويون، آزاد ڪشمير جي رهواسين کي گهر ويٺي آزادي ملي.
مولانا فضل الرحمان جي ٽياڪڙي بابت هن چيو ته هو ان حوالي سان اسيمبلي جي فلور تي بيان ڏئي چڪو آهي، جيڪڏهن مولانا فضل الرحمان ٽياڪڙي لاءِ ڪردار ادا ڪندو ته هو ان جي آجيان ڪندو، جيڪڏهن سڀئي ڌريون اتفاق ڪن ٿيون ته هو به ان جي حمايت ڪندو.