نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اڙيسه ۾ اٺين جماعت جي نصابي ڪتاب ۾ بالي ووڊ جي مشهور گيت ”نمبوڙا نمبوڙا“ جا ٻول شامل ڪرڻ تي نئون تڪرار کڙو ٿي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، هي گانو اٺين جماعت جي آرٽ ايجوڪيشن جي ڪتاب ”ڪيرتي“ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن کي ڀارت جي قومي تعليمي پاليسي 2020 تحت تيار ڪيو ويو هو.
ڪتاب ۾ فلم ”هم دل دي چڪي صنم“ جي ان گيت کي راجسٿان لوڪ گيت طور ڄاڻايو ويو آهي.
ياد رهي ته هي گانو 1999ع ۾ رليز ٿيل فلم ۾ ايشوريا راءِ ۽ سلمان خان تي فلمبند ڪيو ويو هو.
جيئن ئي ڪتاب جي تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون ته ماڻهن اڙيسه جي ثقافتي ۽ لوڪ ورثي کي هٿي ڏيڻ بدران بالي ووڊ فلمي گانن کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
ان معاملي جو نوٽيس وٺندي اڙيسه جي وڏي وزير موهن چرن ماجهي ۽ تعليم واري وزير نتيانند گونڊ فوري طور تي ڪارروائي جا حڪم ڏئي ڇڏيا آهن.
رياست جي ڪائونسل آف ايجوڪيشنل ريسرچ اينڊ ٽريننگ (ايس سي اي آر ٽي) جي سينئر عهديدارن کي معطل ڪيو ويو آهي.
رياستي حڪومت ايس سي اي آر ٽي جي 6 اهلڪارن خلاف باظابطا جاچ جو حڪم ڏنو آهي ۽ ان معاملي جي جاچ لاءِ هڪ خاص ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.
ڪميٽي مستقبل ۾ اهڙين غلطين جي روڪٿام لاءِ هڪ ڪوالٽي اشورنس سيل قائم ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي آهي.