گردن ۾ خرابي پيدا ٿيڻ جون ڪي اهڙيون علامتون هونديون آهن، جن کي گهڻو ڪري ماڻهو نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن. جيئن ئي توهان کي گردن بابت ڪنهن به تڪليف يا شڪ جو احساس ٿئي ته فوري طور ڊاڪٽر سان رابطو ڪري جاچ ڪرائڻ گهرجي، ڇو ته وقت سر سڃاڻپ ۽ علاج وڌيڪ اثرائتو ثابت ٿيندو آهي. گردن جي بيماري صحت جي اهم مسئلن مان هڪ آهي، پر افسوس جو گهڻا ماڻهو ان بابت مڪمل ڄاڻ نٿا رکن.
اڄ اسان اوهان کي گردن جي بيمارين بابت ست علامتون ٻڌائينداسين جن مان ڪا به هڪ علامت ظاهر ٿئي ته اوهانکي پنهنجي گردن کي چڪاسڻ گهرجي ڇو ته گردا مارڪيٽ ۾ ناهن ملندا.
علامتون
- پيشاب ۾ تبديليون
جيڪڏهن پيشاب ٿورو ٿورو ۽ گهڙي گهڙي اچي، ان مان تيز بدبوءِ اچي، پيشاب جو رنگ ڳاڙهو يا ڪارو ٿي وڃي، يا ان سان گڏ پيپ مطلب گند جيان پَس نڪري ته اهي گردن جي خرابي جون اهم نشانيون ٿي سگهن ٿيون. اهڙين علامتن جي صورت ۾ دير ڪرڻ بدران فوري طور ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گهرجي.
- ڪمزوري ۽ عام جسماني تڪليفون
گهڙي گهڙي بخار اچڻ، جسم ۾ سور، الٽي اچڻ، جسم جو ڏينهون ڏينهن ڪمزور ۽ ڏٻرو ٿيندو وڃڻ، گهڻي اُڃ لڳڻ، مٿي جو سور ۽ ننڊ نه اچڻ جهڙيون شڪايتون به گردن جي بيماري ڏانهن اشارو ڪري سگهن ٿيون. اهڙين حالتن ۾ طبي معائنو ڪرائڻ ضروري آهي.
- پٺيءَ جي هيٺئين حصي ۾ سور
پٺيءَ جي هيٺئين حصي ۾ سور يا تڪليف گردن جي خرابيءَ جي عام علامت آهي. اهو سور هڪ پاسي يا ٻنهي پاسن کان شروع ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن علاج نه ڪرايو وڃي ته سور وڌي ٻنهي گردن تائين پکڙجي سگهي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن سور گردن جي چوڌاري يا مٿئين حصي ۾ به محسوس ٿيندو آهي.
- سوڄ يا ورم
جڏهن گردا صحيح نموني ڪم نٿا ڪن ته جسم مان واڌو پاڻي ۽ فاضل مادا خارج نٿا ٿي سگهن، جنهن سبب جسم ۾ سوڄ پيدا ٿي وڃي ٿي. هيءَ سوڄ هٿن، پيرن، ٽنگن، گوڏن ۽ چهري تي ظاهر ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن بيماري وڌي وڃي ته اهو ورم ڦڦڙن تائين به پهچي سگهي ٿو.
- چمڙي جا مسئلا
گردن جي ڪمزور ڪارڪردگي سبب جسم ۾ زهريلا مادا گڏ ٿيڻ لڳندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ چمڙي خشڪ ٿيڻ، خارش، ڦٽ يا ڦرڙا ۽ ٻين چمڙيءَ جي تڪليفن جو امڪان وڌي ويندو آهي. مختلف گهريلو نسخا عارضي آرام ته ڏئي سگهن ٿا، پر بنيادي سبب جو علاج نٿا ڪري سگهن.
- رت ۾ آڪسيجن جي کوٽ
گردا هڪ اهم هارمون ايريٿروپوئيٽن پيدا ڪندا آهن، جيڪو هڏن جي مِک کي رت جا ڳاڙها جزا (ڳاڙها رت جا خليا) ٺاهڻ لاءِ متحرڪ ڪندو آهي. جيڪڏهن گردا صحيح ڪم نه ڪن ته هن هارمون جي کوٽ سبب رت جي گهٽتائي (اينيميا) ۽ آئرن جي کوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي. نتيجي ۾ ڪمزوري، ٿڪاوٽ ۽ گرم موسم ۾ به ٿڌ محسوس ٿيڻ جهڙيون علامتون ظاهر ٿينديون آهن.
- وات ۾ خراب ذائقو ۽ بدبوءِ
جيڪڏهن کاڌي جو ذائقو بدلجي وڃي، وات ۾ خراب ذائقو يا بدبوءِ محسوس ٿئي، گوشت کائڻ جي خواهش ختم ٿي وڃي يا بک گهٽجڻ سبب وزن تيزيءَ سان گهٽجڻ لڳي ته اهي به گردن جي خرابيءَ جون نشانيون ٿي سگهن ٿيون.
گردن کي صحتمند رکڻ لاءِ فائديمن صلاحون
- روزانو مناسب مقدار ۾ صاف پاڻي پيئو.
- تماڪ ۽ سگريٽ نوشي کان مڪمل پرهيز ڪريو.
- هر روز جسماني ورزش يا هلڪي ڦلڪي جسماني سرگرمي اختيار ڪريو.
- ڪافي، چاڪليٽ ۽ وڌيڪ کنڊ واريون شيون گهٽ استعمال ڪريو.
- ڪروندي (ڪرينبيري) جو رس استعمال ڪرڻ فائديمند ٿي سگهي ٿو.
- تمام ٿڌين شين ۽ ٿڌن شربتن کان پاسو ڪريو.
- پنهنجي روزاني خوراڪ ۾ مناسب مقدار ۾ پروٽين، ڪاربوهائيڊريٽ ۽ صحت مند چرٻي شامل ڪريو.
- گهڻو کاڌو کائڻ ۽ رات دير سان ماني کائڻ کان پرهيز ڪريو.
نوٽ: مٿي ڄاڻايل علامتون رڳو گردن جي بيماري تائين محدود نه آهن؛ اهي ٻين بيمارين ۾ به ظاهر ٿي سگهن ٿيون. جيڪڏهن اهڙيون علامتون موجود هجن ته پاڻمرادو علاج ڪرڻ بدران ماهر ڊاڪٽر کان جاچ ۽ صلاح وٺڻ ضروري آهي.