ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ڪنزا هاشمي عورتن جي حفاظت ۽ اعتماد بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ عورتن خلاف تشدد جي وڌندڙ واقعن کي نظر ۾ رکندي هر عورت کي شعور هجڻ گهرجي ته هوءَ ڪنهن تي اعتماد ڪري رهي آهي.
هڪ انٽرويو دوران هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن انتهائي ويجها ماڻهو به محفوظ ثابت ناهن ٿيندا، اڪثر ماڻهو اهو ناهن ڄاڻندا ته جيڪي ماڻهو کين سڀ کان وڌيڪ محفوظ محسوس ڪرائيندا آهن، اهي ئي سندن لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿا. تنهنڪري بهتر آهي ته هر ڪنهن کان محتاط رهجي ۽ پنهنجي حفاظت پاڻ ڪئي وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به صورتحال ۾ معمولي ڳڻتي محسوس ٿئي ته ان کي نظرانداز ڪرڻ بدران ان تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. عورتن جي جبلت اڪثر درست هوندي آهي.
ڪنزا هاشمي موجب، مسئلو اهو آهي ته عورتن کي اڪثر ڊپ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ جيڪڏهن اهي آواز اٿارين ٿيون ته کين ناڪاري ردعمل جو شڪار بڻايو وڃي ٿو.
هن چيو ته جڏهن توهان روز اهڙيون خبرون ڏسندا آهيو ته ڊپ محسوس ٿيڻ فطري آهي، اهڙي ماحول ۾ رهندي اهو چوڻ ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، حقيقت پسنداڻو ناهي.
اداڪارا جو چوڻ هو ته هن تناظر ۾ ڊپ کي ڪمزوري نه پر احتياط طور ڏسڻ گهرجي، ڊپ خوف محسوس ڪرڻ ۽ محتاط رهڻ ۾ ڪا برائي ناهي.
هن چيو ته اهڙن سماجن ۾ جتي تشدد جا سنگين واقعا پيش اچي رهيا هجن، اتي لاپرواهي ممڪن ناهي. جيڪڏهن توهان ڪنهن انتهائي محفوظ ملڪ ۾ رهندا هجو ته توهان بي فڪريءَ سان ماڻهن سان ملي سگهو ٿا، پر جتي عورتن تي تيزاب حملا ۽ زيادتي جهڙا واقعا ٿيندا هجن، اتي احتياط ضروري آهي.
ياد رهي ته ڪنزا هاشمي هن وقت ڊرامي ”ليڊر“ ۾ رُباب جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جنهن ۾ هوءَ هڪ مضبوط ارادن واري شاگردياڻي طور نظر اچي ٿي.
”هتي ويجها ماڻهو به خطرو بڻجي سگهن ٿا، پنهنجي حفاظت پاڻ ڪريو“ ڪنزا هاشمي جو عورتن لاءِ پيغام
You might also like