اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان افغانستان ۾ دهشتگردن جي ٿاڪن تي حملي بابت ڀارت جي بي بنياد ۽ کِل جوڳي بيان کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي ڀارتي پرڏيهي وزارت جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته ڀارت پاڪستان خلاف افغان سرزمين مان دهشتگرد گروهن جي سرپرستي ڪندو رهيو آهي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پابندين واري نظام جي ڀڃڪڙي به ڪري رهيو آهي.
پرڏيهي آفيس جي سوشل ميڊيا پيج تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان خلاف بي بنياد ۽ کل جوڳا بيان اهو ملڪ ڏئي رهيو آهي، جيڪو پاڻ والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي حقِ خوداراديت کي دٻائي رهيو آهي، ڀارت جو اهو عمل گڏيل قومن جي چارٽر جي به ڀڃڪڙي آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارت مسلسل علائقائي امن ۾ رنڊڪون کڙيون ڪرڻ وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پر پاڪستان پنهنجي شهرين جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مناسب قدم کڻندو رهيو آهي ۽ اڳتي به کڻندو.