راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) افغان طالبان رجيم پاران بلوچستان جي سرحد ڏانهن موڪليل 4 ڊرونز کي پاڪستاني سڪيورٽي فورسز ڪاميابي سان نشانو بڻائي تباهه ڪري ڇڏيو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، افغان طالبان رجيم پاران بلوچستان جي سرحد ڏانهن موڪليل 4 ڊرونز کي پاڪستاني سڪيورٽي فورسز ڪاميابي سان نشانو بڻائي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سرحد پار کان موڪليل ڊرونز کي وقتائتي نشاندهي ڪري اثرائتي ڪارروائي ڪندي تباهه ڪيو ويو، جڏهن ته پاڪستان جي خودمختياري ۽ سلامتي لاءِ خطرو بڻجندڙ هر ڪارروائي جو ڀرپور ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.
آءِ ايس پي آر موجب، افغان طالبان کي پنهنجي سرزمين تي سرگرم دهشتگردن جي سرپرستي ۽ سهولتڪاري بند ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اهڙيون ڪارروائيون علائقي جي امن ۽ استحڪام لاءِ سنگين خطرو آهن.
آءِ ايس پي آر واضح ڪيو ته پاڪستان پنهنجي سرحدن جي حفاظت لاءِ هر وقت چوڪس آهي ۽ قومي سلامتي خلاف ڪنهن به اڳرائي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيو ويندو.