پاڪستان ۽ ڀارت ۾ قيدين جي فهرستن جي ڏي وٺ، اسلام آباد جو نئين دهليءَ کان سزائون پوريون ڪندڙ 97 شهرين کي ترت آزاد ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت قونصلر رسائي جي ٻه طرفي معاهدي تحت هڪ ٻئي جي تحويل ۾ موجود قيدين جي فهرستن جي ڏي وٺ ڪئي آهي.
پاڪستان جي پرڏيهي آفيس مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته قيدين جي فهرستن جي ڏي وٺ سفارتي ذريعن ذريعي پهرين جولاءِ تي ڪئي وئي.
بيان موجب، پاڪستان اسلام آباد ۾ ڀارت جي هاءِ ڪمشن کي 250 ڀارتي قيدين جي فهرست فراهم ڪئي، جن ۾ 52 عام شهري ۽ 198 مهاڻا شامل آهن.
ٻئي پاسي ڀارت 439 (امڪاني) پاڪستاني قيدين جي فهرست پاڪستان جي حوالي ڪئي، جن ۾ 386 شهري ۽ 53 مهاڻا ٻڌايا پيا وڃن، جيڪي ڀارت جي جيلن ۾ قيد آهن.
ياد رهي ته 21 مئي 2008ع جي معاهدي تحت ٻئي ملڪ هر سال پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي اهڙيون فهرستون هڪ ٻئي کي فراهم ڪرڻ جا پابند آهن.
بيان موجب، پاڪستان ڀارت کي چيو آهي ته هو اهڙن 97 پاڪستاني قيدين کي آزاد ڪري وطن واپس موڪلي، جيڪي پنهنجيون سزائون پوريون ڪري چڪا آهن ۽ جن جي شهريت جي تصديق ٿي چڪي آهي. انهن ۾ 64 شهري ۽ 33 مهاڻا شامل آهن.
ان کانسواءِ پاڪستان ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو قيد ۾ موجود سمورن پاڪستاني قيدين جي حفاظت ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائي.
پرڏيهي آفيس موجب، پاڪستان انهن قيدين کي جلد قونصلر رسائي فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو آهي ته جيئن انهن جي شهريت جي وقت سر تصديق ممڪن ٿي سگهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستان پنهنجي شهرين جي جلد وطن واپسي لاءِ ڪوششون جاري رکندو.

You might also like