نئون تعليمي سال شروع ٿيڻ کان اڳ ئي اسڪولي شاگردن جي والدين لاءِ بُري خبر اچي وئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسڪول جي اسٽيشنريءَ تي 10 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ٿيڻ کانپوءِ والدين جي پريشاني وڌي وئي آهي.
اسلام آباد ۾ اسڪول ويندڙ ٻارن جي ڪيترين ئي اسٽيشنري شين تي 10 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳايو ويو آهي.
نئين مالي سال 2026-27 جي شروعات سان گڏ ئي حڪومت جا نوان ٽيڪس قدم به لاڳو ٿي ويا آهن.
نئين فنانس بل تحت پينسل، قلم، جاميٽري باڪس، شاپنر، ايڪسرسائز بُڪ، اسڪول گلو، رائيٽنگ پيڊ ۽ ڪلر پينسل سميت اسٽيشنريءَ جي ڪيترين ئي شين تي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري مهانگائي سٽيل والدين پنهنجي پريشانيءَ جو اظهار ڪري رهيا آهن.

 

You might also like