لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ٽرينٽ برج ۾ نيوزيلينڊ خلاف ٽين ٽيسٽ ميچ بين اسٽوڪس جي ڪيريئر جي آخري بين الاقوامي ميچ هوندي.
35 سالن جي بين اسٽوڪس آچر تي نيوزيلينڊ خلاف ٽين ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن جي راند شروع ٿيڻ کان اڳ پنهنجي اسڪواڊ کي فيصلي کان آگاهه ڪيو.
واضح رهي ته سندس عالمي ڪيريئر 2011 ۾ شروع ٿيو هو ۽ هو اپريل 2022 کان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني ڪري رهيو هو، بين اسٽوڪس جو ڳاڻيٽو انگلينڊ ۽ ڪرڪيٽ جي دنيا جي عظيم آل رائونڊرز ۾ ٿئي ٿو.
هن ڪيترين ئي يادگار فتحن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جن ۾ 2019 جي ون ڊي ورلڊ ڪپ فائنل ۾ نيوزيلينڊ خلاف 84 ناٽ آئوٽ رنسون ۽ ساڳئي سال هيڊنگلي ۾ ايشيز دوران 135 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز شامل آهن.
هن 2016 ۾ ڪيپ ٽائون ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف 258 رنسن جي پنهنجي ڪيريئر جي بهترين ٽيسٽ اننگز پڻ کيڏي هئي.
اي سي بي جي چيئرمين رچرڊ ٿامپسن چيو آهي ته بين اسٽوڪس انگلينڊ جي عظيم ترين ڪرڪيٽرن مان هڪ طور الوداع چئي رهيو آهي، سندس دٻاءَ هيٺ ڪارڪردگي ۽ اهم موقعن تي غير معمولي راند پيش ڪرڻ جي صلاحيت مداحن کي هميشه ياد رهندي، هن 2019 ۽ 2022 جا ورلڊ ڪپ کٽڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو.
اي سي بي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر رچرڊ گولڊ چيو آهي ته بين اسٽوڪس جون خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن، هن جو اثر انگن اکرن کان گهڻو اڳتي آهي، جنهن پنهنجي قيادت سان سڄي دنيا ۾ ساٿي رانديگرن ۽ نوجوانن کي متاثر ڪيو آهي.