هڪ جهڙي ٻن مڙسن جون هڪ جهڙيون ٻه زالون! نائيجيريا ۾ انوکي شادي

نائيجيريا ۾ جاڙي ڀائرن جاڙي ڀينرن سان شادي ڪري ڇڏي.

عالمي ميڊيا جي رپورٽن موجب نائيجيريا جي شهر ايبادان ۾ هڪ گرجا گهر اندر جاڙيون ڀينرون جاڙي ڀائرن سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويون.

رپورٽ موجب، شاديءَ ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن جو چوڻ هو ته اهي ٻئي شاديون هر لحاظ کان هڪ بهترين ۽ ڀرپور جوڙو ثابت ٿيون.

شادي جي موقعي تي جاڙي ڀائرن چيو ته، ”اسان جاڙا ڀائر آهيون، تنهن ڪري اسان جي هميشه اها خواهش هئي ته اسان جون شاديون به جاڙين ڀينرن سان ٿين ۽ الله تعاليٰ جي خاص فضل سان اسان جي اها خواهش پوري ٿي وئي.

جاڙي ڀائرن وڌيڪ ٻڌايو ته يونيورسٽي آف ايبادان جي هڪ پروفيسر سندن ملاقات انهن جاڙين ڀينرن سان ڪرائي هئي. انکانپوءِ پهرين اسان چارئي سٺا دوست بڻجي وياسين ۽ پوءِ شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

رپورٽ موجب نائيجيريا جو علائقو ايبادان جاڙن ٻارن جي غيرمعمولي انگ سبب سڄي دنيا ۾ مشهور آهي.

You might also like