ممبئي(ويب ڊيسڪ)سنڌي ۾ هڪ ٽوٽڪو نشئي ماڻهن سان جوڙيو ويندو آهي اهو پڙهڻ کانپوءِ اوهانکي لڳندو ته ڄڻ هن همراهه جي لاءِ ئي چيو ويو آهي.
سنڌي ۾ چيو ويندو آهي ته چرس جا عادي نشئي ”چرسي“ چوندا آهن ته پيئون چرس، گهمئون عرش لهئون نه لهئون اسان جي مرضي.
سو هن همراهه به اهو ڪم ڪيو آ!
ڀارت ۾ نشي ۾ ڌت هڪ شخص تيز وولٽيج واري بجليءَ جي ٿنڀي تي چڙهي بجليءَ جي تارن مٿان وڃي سمهي رهيو.
ڀارتي ميڊيا موجب، اهو واقعو رياست اتر پرديش جي ضلعي مهاراج گنج ۾ پيش آيو، جتي هڪ نشي ۾ ڌت شخص 11 هزار وولٽ واري بجليءَ جي ٿنڀي تي چڙهي ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب، دين ديال نالي اهو شخص نشي جي حالت ۾ هو. جيئن ئي سندس ٿنڀي تي چڙهڻ جي خبر پکڙجي، تيئن ئي علائقي جا رهواسي واقعي واري هنڌ پهچي ويا، جتي ماڻهن جو وڏو ميڙ گڏ ٿي ويو.
علائقي واسين ٻڌايو ته دين ديال خوش قسمت هو، ڇاڪاڻ ته جيئن ئي هو بجليءَ جي ٿنڀي تي چڙهيو ته بجلي بند ٿي وئي، جنهن سبب سندس حياتي بچي وئي.
پوليس موجب، هن شخص کي هيٺ لهڻ لاءِ گهڻو سمجهايو ويو، پر هن انڪار ڪيو. ان کان پوءِ بجلي کاتي سان رابطو ڪيو ويو، ۽ بچاءُ واري ڪارروائي دوران بجلي ٻيهر بحال نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. آخرڪار گهڻين ڪوششن کان پوءِ هن شخص کي سلامت هيٺ لاٿو ويو.