اُس ۾ رهڻ سان اهم بيمارين جو علاج! ماهرن جي نئين تحقيق

هڪ نئين تحقيق موجب، روزانو مناسب وقت تائين سج جي روشنيءَ ۾ رهڻ سان ڊيمنشيا)يادگيري ۽ ذهني صلاحيتن جي گهٽتائي واري بيماري) جو خطرو 25 سيڪڙو تائين گهٽجي سگهي ٿو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙي طرزِ زندگي، جنهن ۾ ماڻهو گهڻو وقت گهر اندر يا گهٽ روشنيءَ ۾ گذارين ٿا ۽ ان جي لڪل نقصانن کان بي خبر رهن ٿا، اهو ڊيمنشيا جهڙين بيمارين جو خطرو نمايان طور وڌائي سگهي ٿو.

چين ۾ ڪيل هن تحقيق مان خبر پئي آهي ته ڏينهن جي روشنيءَ ۾ گذاريل وقت جو سڌو لاڳاپو ڊيمنشيا جي خطري سان آهي. چين جي مختلف يونيورسٽين جي محققن لڳ ڀڳ 87 هزار 600 ماڻهن جو اٺن سالن تائين جائزو ورتو.

تحقيق ۾ شامل ماڻهن جي سراسري عمر 62 سال هئي. انهن پنهنجي ٻانهن تي ايڪٽي گرافي ڊوائيس پائي رکيا هئا، جيڪي سندن روزاني سرگرمين ۽ ڏينهن دوران سج جي روشنيءَ ۾ رهڻ جو رڪارڊ محفوظ ڪندا هئا.

هن ڊوائيس ۾ روشنيءَ جي شدت ماپڻ لاءِ بلٽ اِن لائيٽ سينسر ۽ ايڪسيليروميٽر لڳل هوندو آهي. ايڪسيليروميٽر ڪنهن ماڻهوءَ جي حرڪت يا رفتار ۾ ٿيندڙ تبديلي ماپي ٿو، جيئن ڪا شيءِ ڪيتري تيزيءَ سان هلڻ شروع ڪري ٿي، سستي ٿئي ٿي يا پنهنجو رخ بدلائي ٿي.

تحقيق دوران 741 ماڻهن ۾ ڊيمنشيا جي سڃاڻپ ٿي. نتيجن موجب، جيڪي ماڻهو گهڻو وقت گهر اندر يا گهٽ روشنيءَ واري ماحول ۾ رهندا هئا، تن ۾ شروعاتي طور ڊيمنشيا جو خطرو وڌيڪ ڏٺو ويو. پر جڏهن اهي نسبتاً وڌيڪ روشن ماحول ۾ رهڻ لڳا ته سندن خطري ۾ 15 کان 25 سيڪڙو تائين گهٽتائي آئي.

نتيجن مان اها پڻ خبر پئي ته ڏينهن جي وقت سراسري طور هڪ هزار لڪس (Lux) يا ان کان وڌيڪ روشنيءَ ۾ رهڻ، جيڪا هڪ مناسب روشن ڪمري يا ڪڪرائتي ڏينهن جي ٻاهرين روشنيءَ جي برابر هوندي آهي، گهٽ روشنيءَ ۾ رهندڙ ماڻهن جي ڀيٽ ۾ ڊيمنشيا جي خطري ۾ 16 سيڪڙو گهٽتائي سان لاڳاپيل هو.

روزانو لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪلاڪ اهڙي روشنيءَ ۾ رهڻ، جنهن جي شدت 3 هزار لڪس يا ان کان وڌيڪ هجي، جيڪا کليل هوا ۾ قدرتي روشنيءَ جي برابر هوندي آهي، ڊيمنشيا جي خطري ۾ 18 سيڪڙو گهٽتائي سان لاڳاپيل ڏٺو ويو.

اهڙيءَ ريت روزانو 40 کان 45 منٽ انتهائي تيز روشني، يعني 7 هزار لڪس يا ان کان وڌيڪ روشنيءَ ۾ رهڻ سان به ڊيمنشيا جو خطرو 17 سيڪڙو تائين گهٽجڻ سان لاڳاپيل رهيو.

روزانو 0.7 ڪلاڪ  (مطلبلڳ ڀڳ 42 منٽ) کان گهٽ تيز قدرتي ڏينهن جي روشنيءَ ۾ رهڻ، ڊيمنشيا جي خطري جي اڳڪٿي ڪندڙ هڪ مضبوط سبب ثابت ٿيو، جيڪو ڊيمنشيا جي مشهور ڇهن خطري وارن عنصرن، جهڙوڪ ٿولهه، شراب واپرائڻ ۽ دماغ ۾ ڌڪ لڳڻ کان به وڌيڪ اثرائتو ثابت ٿيو.

تحقيق موجب، ڏينهن جي روشنيءَ جو حفاظتي اثر انهن ماڻهن ۾ وڌيڪ نمايان هو، جيڪي رات جو گهڻي روشنيءَ جي سامهون رهندا هئا، ڇاڪاڻ رات جي روشني ننڊ ۾ خلل وجهي سگهي ٿي، ۽ خراب يا اڻپوري ننڊ جو لاڳاپو به ڊيمنشيا جي وڌندڙ خطري سان آهي.

طبي جرنل جنرل سائيڪائٽري ۾ ڇپيل هن تحقيق موجب جيڪڏهن ڪو ماڻهو رات جو وڌيڪ روشنيءَ ۾ رهي ٿو، تڏهن به جيڪڏهن هو ڏينهن جي وقت مناسب مقدار ۾ تيز قدرتي روشني حاصل ڪري، ته ان ۾ ڊيمنشيا جو خطرو 30 کان 38 سيڪڙو تائين گهٽ ڏٺو ويو.

اهڙيءَ ريت جيڪي ماڻهو رات دير تائين جاڳندا آهن، جيڪڏهن اهي ڏينهن جي وقت وڌيڪ سج جي روشنيءَ ۾ وقت گذارين، ته انهن ۾ ڊيمنشيا جو خطرو 40 سيڪڙو تائين گهٽجي سگهي ٿو.

You might also like