چين ۾ هڪ انوکي نوڪري جو اشتهار دنيا ۾ مشهوري ماڻي رهيو آهي جنهن ۾ رڳو کَل پائي پوءِ جيڪو وڻي ڪرڻ جي اجازت آهي.
چين جي هڪ چڙيا گهر پاران رِڇ جو لباس پائي گهمندڙن کي وندرائڻ لاءِ ملازمن جي ڀرتي جو اشتهار سوشل ميڊيا تي تيزي سان پکڙجي ويو، جنهن انٽرنيٽ واهپيدارن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو.
چين جي صوبي هينان جي شهر لووهي ۾ قائم هڪ چڙيا گهر دلچسپ نوڪريءَ جو اشتهار جاري ڪيو، جنهن ۾ ماڻهن کي ڪاري رڇ جو لباس پائي چڙيا گهر اندر گهمڻ ۽ ايندڙ مهمانن سان وندر ڀريو وقت گذارڻ جي دعوت ڏني وئي.
اشتهار موجب چونڊيل اميدوارن کي ساليانو 1 لک يوآن (لڳ ڀڳ 15 هزار آمريڪي ڊالر) پگهار ڏني ويندي. هن نوڪريءَ لاءِ مرد ۽ عورت ٻئي درخواست ڏئي سگهن ٿا، پر اميدوار جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 18 سال هئڻ ۽ سٺي جسماني صحت لازمي آهي.
هن منفرد نوڪريءَ ۾ روزانو 6 ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوندو، جڏهن ته هر مهيني 4 موڪلون پڻ ڏنيون وينديون.
چڙيا گهر جي انتظاميا موجب رڇ جو ڪردار ادا ڪندڙ ملازمن کي گهمندڙن سان ڳالهائڻ جي اجازت نه هوندي، جيتوڻيڪ هو رڇ جهڙا آواز ڪڍي سگهندا. جيڪڏهن ڪا هنگامي صورتحال پيدا ٿئي يا مدد جي ضرورت پوي ته پوءِ کين ڳالهائڻ جي اجازت هوندي.
وڌيڪ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ملازمن کي سياحن پاران پيش ڪيل کاڌي پيتي جون شيون به قبول ڪرڻيون پونديون.
اشتهار ۾ هن نوڪريءَ کي چڙيا گهر جي سڀ کان وڌيڪ آزاد نوڪري قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ملازم ٿڪ محسوس ڪري ته هو آرام سان ليٽي وقت گذاري سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن پاڻ کي تازو ۽ سرگرم محسوس ڪري ته نچي سگهي ٿو، وڻن تي چڙهي سگهي ٿو يا مڇي پڪڙڻ جهڙيون سرگرميون به ڪري سگهي ٿو.
چڙيا گهر موجب هيءَ نوڪري گهڻو ڳالهائيندڙ ۽ گهٽ ڳالهائيندڙ، ٻنهي قسمن جي ماڻهن لاءِ مناسب آهي، ڇاڪاڻتہ ان ۾ زباني ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي.
اشتهار ۾ اميدوارن کي اها به همٿ افزائي ڪئي وئي ته هو جيترو وڌيڪ منفرد ۽ مزاحيه انداز اختيار ڪندا، اوترا ئي ماڻهن ۾ وڌيڪ مشهور ٿيندا.
رپورٽن موجب هي سڀئي خالي عهدا صرف ڪجهه ڏينهن اندر ڀرجي ويا، جڏهن ته 100 کان وڌيڪ ماڻهن هن نوڪريءَ لاءِ درخواستون جمع ڪرايون.
چڙيا گهر جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪو ملازم سوشل ميڊيا تي مشهور ٿي وڃي ته هو پنهنجي بنيادي پگهار کان به وڌيڪ آمدني ڪمائي سگهي ٿو.