ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نادرا قومي سڃاڻپ ڪارڊ تي گهر جو پتو تبديل ڪرائڻ جو سولو طريقو ٻڌائي ڇڏيو.
نادرا شهرين جي سهولت لاءِ هڪ وڊيو جاري ڪئي آهي جنهن ۾ سڃاڻپ ڪارڊ تي پتو تبديل ڪرائڻ جو طريقو ڄاڻايو ويو آهي، نه رڳو مستقل پتو پر مسوار واري گهر ۾ رهندڙ شهري به سولائيءَ سان پتو تبديل ڪرائي سگهن ٿا.
جيڪڏهن ڪو شهري مسواڙ جي گهر ۾ رهي ٿو ۽ عارضي پتو تبديل ڪرائڻ چاهي ٿو ته طريقيڪار اهو آهي ته شهري کي هيٺيون ٻه شيون پيش ڪرڻيون پونديون:
مسواڙ نامي جي ڪاپي
بجلي جي بل جي ڪاپي
۽ جيڪڏهن شهري چاهي ٿو ته سندس سڃاڻپ ڪارڊ تي مستقل پتو به مسواڙي گهر وارو هجي ت ته ان لاءِ کيس هيٺيان واڌو دستاويز پاڻ سان گڏ آڻڻو پوندا
گهر جي مالڪ جو حلفي بيان، جنهن ۾ گهر جو مالڪ چوي ٿو ته مان هي گهر سمواڙ تي ڄاڻايل شهري کي ڏنو آهي ۽ مون کي ڪو اعتراض ناهي جيڪڏهن هو پنهنجي سڃاڻپ دستاويزن ۾ مستقل پتي طور اِهو ڏيڻ چاهي ٿو.
واضح رهي ته جيڪڏهن گهر پنهنجو هجي يعني شهري جي پنهنجي ملڪيت هجي ته ان صورت ۾ ان کي گهر جا اصل ڪاغذ ڏيکارڻا پون پوندا آهن، نادرا آفيس ۾ انهن ڪاغذن کي اسڪين ڪيو ويندو آهي، ڪنهن فوٽو ڪاپي جي ضرورت ناهي هوندي.