اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ گذريل ڏينهن کان هينئر تائين وچولي شدت جا 6 زلزلا رڪارڊ ٿي چڪا آهن. ماهرن موجب انهن زلزلن جو لاڳاپو تازو وينزويلا ۾ آيل زلزلي کان پوءِ زمين جي اندر پيدا ٿيندڙ توانائيءَ جي لهرن سان آهي.
وفاقي راڄڌاني اسلام آباد، پنجاب، خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا سخت جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.
زلزلي ماپيندڙ مرڪز موجب زلزلي جي شدت 5.9 ۽ کوٽائي 178 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. مرڪز موجب زلزلي جو مرڪز افغانستان جي هندوڪش واري علائقي ۾ هو. زلزلي جا جهٽڪا شام جو 6 لڳي 35 منٽن تي محسوس ڪيا ويا.
ان کان اڳ اڄ صبح بلوچستان جي ضلعي ڪوهلو ۾ به هڪ ڀيرو ٻيهر زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. موسميات کاتي موجب اڄ صبح آيل زلزلي جي شدت 5.2 هئي، جڏهن ته ان جو مرڪز بلوچستان جو بارخان وارو علائقو هو.
ان کانسواءِ اڄ صبح ملتان ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به زلزلي جا سخت جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، جيڪي ڪجهه سيڪنڊن تائين جاري رهيا.
موسميات کاتي جي چيف ميٽرولوجسٽ امير حيدر لغاري موجب بلوچستان ۾ گذريل ڏينهن کان زلزلن جو سلسلو جاري آهي، ۽ هينئر تائين گڏيل طور وچولي شدت جا پنج زلزلا رڪارڊ ٿي چڪا آهن.
سائنسي لحاظ کان بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا يوريشين ٽيڪٽونڪ پليٽ تي واقع آهن ۽ تازا سڀئي زلزلا انهيءَ پليٽ جي مٿئين حصي ۾ اچي رهيا آهن.
ارضيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته اهي زلزلا دراصل عالمي سطح تي ايندڙ وڏن زلزلن جو اثر آهن. تازو وينزويلا ۾ آيل تباهه ڪندڙ زلزلي کان پوءِ زمين جي اندر توانائيءَ جون لهرون پيدا ٿيون، جيڪي هاڻي ان سان ڳنڍيل ٻين ٽيڪٽونڪ پليٽن ڏانهن منتقل ٿي رهيون آهن ۽ نتيجي ۾ زلزلا اچي رهيا آهن.
تاريخ تي نظر وجهجي ته سال 2000 کان 2011ع تائين به اهڙو ئي هڪ وڏو سلسلو ڏٺو ويو هو، جڏهن انڊونيشيا ۾ آيل وڏي زلزلي مان پيدا ٿيل زميني توانائيءَ سبب ئي 2005ع ۾ ڪشمير جو تباهه ڪندڙ زلزلو آيو هو.
ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيستائين زمين جي اندر پيدا ٿيل توانائيءَ جون اهي لهرون مڪمل طور ختم نٿيون ٿين، تيستائين يوريشين پليٽ تي وڌيڪ وچولي شدت جا زلزلا اچڻ جو امڪان برقرار رهندو.
تنهن هوندي به سائنسي طور زلزلي جي صحيح وقت ۽ شدت جي اڳڪٿي ڪرڻ ناممڪن آهي.
ياد رهي ته وينزويلا ۾ اربع ڏينهن ٻه شديد زلزلا رڪارڊ ڪيا ويا، جن جي شدت 7.2 ۽ 7.5 ٻڌائي وئي. انهن زلزلن سبب بنيادي ڍانچي کي سخت نقصان پهتو، جڏهن ته فوتين جو انگ 920 تائين پهچي ويو آهي، 3,360 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، ۽ سوين ماڻهن جي ملبن هيٺ دٻيل هجڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.