آءِ فون 18 گهڻي جي هوندي؟ اگهن بابت اڳواٽ ٿيل اعلان جا تفصيل پڌرا

ايپل جي چيف ايگزيڪيوٽو ٽم ڪڪ جون 2026ع جي شروعات ۾ واضح ڪيو هو ته ڪمپني آئي فونن جي اگهن ۾ واڌ ڪندي.

سندس چوڻ هو ته اگهن ۾ واڌ اڻٽر آهي، جنهن جو بنيادي سبب ريم جي فراهمي ۾ گهٽتائي آهي.

پر هن اها وضاحت نه ڪئي هئي ته آئي فون 18 سيريز جي اگهن ۾ ڪيتري واڌ ڪئي ويندي.

سڄي دنيا ۾ هٿرادو ڏاهپ (AI) جي ڊيٽا سينٽرن جي تعمير سبب ميموري ۽ اسٽوريج چِپس جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جنهن ڪري مختلف ڪمپنيون پنهنجين شين جا اگهه وڌائي رهيون آهن.

هاڻي هڪ نئين رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آئي فون 18 سيريز جي مختلف ماڊلن جون امڪاني قيمتون ڪيتريون ٿي سگهن ٿيون.

جي پي مورگن جي هڪ تجزيه نگار موجب، ايپل نون آئي فونن جي اگهن ۾ اميد کان گهٽ واڌ ڪندي.

رپورٽ موجب ڪمپني هر نئين ماڊل جي قيمت ۾ گذريل ماڊل جي ڀيٽ ۾ رڳو  50 آمريڪي ڊالر واڌ ڪندي، جڏهن ته خرچ گهٽ رکڻ لاءِ ٻيا قدم به کنيا ويندا، جيئن ته ايپل پنهنجا سي سيريز موڊيم استعمال ڪندي.

انهيءَ حساب سان آئي فون 18 پرو جي شروعاتي قيمت 1,099 ڊالرن بدران 1,149 ڊالر هوندي، جڏهن ته آئي فون 18 پرو ميڪس جي شروعاتي قيمت 1,199 ڊالرن بدران 1,249 ڊالر ٿيندي.

ان کان اڳ مختلف رپورٽن ۾ چيو ويو هو ته آئي فون 17 سيريز جي مقابلي ۾ هن سال ايندڙ نون ماڊلن جي قيمتن ۾ 200 ڊالرن تائين واڌ ٿي سگهي ٿي.

ايپل دنيا جي انهن وڏين ڪمپنين مان هڪ آهي، جيڪي وڏي مقدار ۾ ميموري چِپس خريد ڪن ٿيون، پر هاڻي هٿرادو ڏاهپ (AI) سان لاڳاپيل ڪمپنيون به وڏي پيماني تي اهڙيون چِپس خريد ڪري رهيون آهن.

وال اسٽريٽ جرنل موجب، آئي فون 18 پرو ۾ استعمال ٿيندڙ ميموري ۽ اسٽوريج جا پرزا آئي فون 17 جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ 150 ڊالر وڌيڪ مهانگا ٿي سگهن ٿا.

واضح رهي ته هن سال ايپل پنهنجي نون آئي فونن کي متعارف ڪرائڻ واري روايتي طريقي ۾ به تبديلي آڻي رهي آهي.

سيپٽمبر ۾ آئي فون 18 پرو جا ماڊل، ايپل جي پهرين فولڊيبل آئي فون سان گڏ پيش ڪيا ويندا.

جڏهن ته آئي فون 18 ۽ آئي فون ايئر 2 کي 2027ع جي شروعات ۾ ڪنهن به وقت متعارف ڪرائڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

You might also like