صدر زرداري ۽ پيپلز پارٽي قيادت استعيفيٰ ڏئي، ايم ڪيو ايم به وزارتون ڇڏي ڏيندي: علي خورشيدي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي حڪمران جماعت پيپلز پارٽي تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته نه بجلي آهي، نه گئس ۽ نه ئي پاڻي، سنڌ وارن جو حق تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي.
اپوزيشن ليڊر چيو ته بلاول ڀٽو قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم خلاف تقرير ڪئي ۽ وزارت کان استعيفيٰ ڏيڻ جو چيو.
سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين تي توهان صدر زرداري جي استعيفيٰ آڻيو ۽ پ پ قيادت مستعفيٰ ٿئي ته بدلي ۾ ايم ڪيو ايم پنهنجون ٻئي وزارتن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندي.
ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته پيپلز پارٽي جي مقبوليت ناهي، ڪارڪردگي جي بنياد تي عوام پ پ کي ووٽ نٿو ڏئي.
هن چيو ته پ پ کي اليڪٽيبلز جي ڪري حڪومت ملي، مخصوص شخصيتن کي هٽائي ڇڏيو ته پيپلز پارٽي ڪن علائقن مان نٿي کٽي سگهي. بجاراڻي، مهر ۽ شيخ آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهن ته پيپلز پارٽي جي اڪثريت ختم ٿي ويندي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جي اصل مسئلن تي پيپلز پارٽي ٻڙڪ نٿي ٻاڦي، پ پ سنڌ جي مسئلن تي وڙهي، ان کي ڪنهن روڪيو آهي، ارسا جي مسئلي تي پيپلز پارٽي ميدان ۾ نڪري، ايم ڪيو ايم ساڻن گڏ آهي.
اپوزيشن ليڊر چيو ته پيپلز پارٽي کير جي ڌوتل ناهي، ان خلاف به پٽيشن موجود آهي، سنڌ حڪومت مسئلن جي حل لاءِ پاليسي نٿي ڏئي، اختيارن جي منتقلي کان سواءِ مسئلا حل نه ٿيندا.
علي خورشيدي بجيٽ تي ڳالهائيندي چيو ته بجيٽ منظور ٿي وئي پر بجيٽ تي ڪا ڳالهه نه ٿي.
سندس چوڻ هوته هي بجيٽ سنڌ جي عوام کي خساري ۾ وٺي وڃي رهي آهي، جيڪڏهن هي بهترين بجيٽ آهي ته خراب بجيٽ ڪهڙي هوندي؟
هن چيو ته سنڌ جو پئسو ٻين صوبن ۾ لڳي رهيو آهي، حڪومتي سمجهه غائب نظر اچي رهي آهي. خزانا خالي هئڻ ڪا ڳالهه ناهي، پر حڪومتي سمجهه خالي نه هجڻ گهرجي.
اپوزيشن ليڊر موجب، وفاقي حڪومت کان ايم ڪيو ايم 15 ارب رپيا ورتا، جيڪي ٻن سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪومت روڪي رکيا آهن.
هن چيو ته سنڌ حڪومت 674 ارب رپيا پنهنجي ميئر کي ڏئي ته ڪراچي جا مسئلا حل ٿي ويندا. پر سنڌ ۾ ڌنڌو لڳايو ويو آهي، پئسا ڏيڻ کانسواءِ ڪو ڪم نه ٿيندو.
ايم ڪيو ايم اڳواڻ سوال اُٿاريو ته پيپلز پارٽي وفاق کان ته پگهار ۾ 50 سيڪڙو واڌ جو مطالبو ڪري ٿي، پر هن پاڻ سنڌ جي بجيٽ ۾ ڪيتري پگهار وڌائي آهي؟

 

You might also like