پئرس (ويب ڊيسڪ) فرانس جي اتر اوڀر واري علائقي ٽومبلين ۾ اسڪاءِ ڊائيورز کي کڻي ويندڙ هڪ ننڍو جهاز ڪِري تباهه ٿي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، مقامي انتظاميا جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ پائلٽ سميت سمورا 11 مسافر فوت ٿي ويا آهن، جن ۾ پنج شاگرد ۽ پنج تربيتي انسٽرڪٽر شامل هئا.
مقامي ميڊيا موجب، جهاز هڪ پيراشوٽ ٽريننگ اسڪول جي ملڪيت هو، جنهن نانسي-ايسي هوائي اڏي تان اُڏام ڀري هئي، پر ٿوري ئي دير بعد ڪِري تباهه ٿي ويو.
پوليس عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو ”ميورت-اي-موزيل“ واري علائقي ۾ قائم هوائي اڏي ۽ ان جي ڀرپاسي وڃڻ کان پاسو ڪن ته جيئن امدادي ڪارروائين ۾ رنڊڪ نه اچي.
ٻئي پاسي فرانسيسي گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته ملڪ جو گهرو وزير حادثي واري هنڌ لاءِ روانو ٿي چڪو آهي، جتي هو امدادي ۽ جاچ ڪارروائين جي نگراني ڪرڻ سان گڏ انهن جو جائزو پڻ وٺندو.