رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي شهر راس تنورا ۾ تيل ڪمپني آرامڪو جو هڪ هيليڪاپٽر ڪِري تباهه ٿي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 14 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
شروعاتي اطلاعن موجب، هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ حياتي وڃائيندڙ سمورا ماڻهو سعودي شهري هئا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، حادثي جي سبب جو اڃا تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي، جڏهن ته لاڳاپيل اختيارين واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
واضح رهي ته سعودي تيل ڪمپني آرامڪو جمعي جي ڏينهن ايران سان جنگ سبب چئن مهينن جي بندش کانپوءِ راس تنورا آئل ٽرمينل تي ڪچي تيل جي لوڊنگ ٻيهر شروع ڪئي هئي.