ميڪسيڪو سٽي(ويب ڊيسڪ) ايراني فٽبال ٽيم جي ڪپتان مهدي طارمي فيفا ورلڊ ڪپ جي ميزبان آمريڪا تي غير منصفاڻي سلوڪ جو الزام هڻي ڇڏيو.
ايراني ڪپتان مهدي طارمي چيو ته فيفا مسئلن کي حل ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو پر ڪجهه به نه بدليو آهي، ايراني ٽيم جي لاجسٽڪ عملي ۽ ميڊيا کي هيل تائين ويزائون ناهن ملي سگهيون.
سندس چوڻ هو ته هر ميچ کانپوءِ واپس وڃڻ پروفيشنل ٽورنامنٽ جي شان وٽان ناهي ، اسان ميڪسيڪو جي عوام سان محبت ڪريون ٿا، مسئلو سفري انتظامن جو آهي.
مهدي طارمي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايران کي ٽورنامنٽ مان ٻاهر ڪرڻو آهي ته ڪري ڇڏيو پر هي انصاف ناهي.