لنڊن (ويب ڊيسڪ)ناليواري گلوڪار بلال سعيد سوشل ميڊيا تي پنهنجي وائرل ٿيل وڊيو تي تنقيد ڪندڙن کي سخت جواب ڏئي ڇڏيو.
گلوڪار بلال سعيد ۽ آئمه بيگ اڄڪلهه لنڊن ۾ پنهنجي نئين پروجيڪٽ جي شوٽنگ ۾ مصروف آهن.
ويجهڙ ٻنهي فنڪارن کي لنڊن جي روڊن تي ڏٺو ويو جنهن جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.
وائرل وڊيو ۾ گلوڪارن کي مداحن سان سيلفي ڪڍندي ڏسي سگهجي ٿو، هن وڊيو تي سوشل ميڊيا واهپيدارن پاران آئمه بيگ جي مختصر لباس پائڻ ۽ گلوڪارن جي مبينا طور نشي واري حالت ۾ هجڻ تي تنقيد ڪئي پئي وڃي.
گلوڪار بلال سعيد تنقيد ڪندڙن کي سخت لفظن ۾ جواب ڏيندي سوشل ميڊيا تي پنهنجو هڪ وڊيو بيان شيئر ڪيو.
گلوڪار پنهنجي وڊيو ۾ چيو ته ڪالهه اسان لنڊن ۾ شوٽنگ ڪري رهيا هئاسين، ان جي هڪ وڊيو وائرل ٿي وئي ته اسان نشي جي حالت ۾ هئاسين.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن توهان وڊيو کي غور سان ڏسو ته پتو پئجي ويندو ته اسان جي هٿن ۾ ڪافي جا ڪوپ آهن، جيڪڏهن ڀرپاسي ماڻهو شراب پي رهيا آهن ته مطلب اسان به شراب پي رهيا آهيون، ڇا توهان مون کي اُلٽيون ڪندي ڏٺو آهي؟
بلال سعيد تنقيد ڪندڙن کي وڌيڪ چيو ته توهان اسان کي نه سيکاريو پاڪستان جي نمائندگي ڪهڙي نموني ڪرڻي آهي، اسان پنهنجي فن سان پاڪستان جي نمائندگي ڪندا رهيا آهيون ۽ ڪندا رهنداسين.