راجو هيراڻيءَ ”مُنا ڀائي ٿري“ ٺاهڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فلمساز راج ڪمار هيراڻيءَ بلاڪ بسٽر فلم ”منا ڀائي“ جو ٽيون پارٽ ٺاهڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، راج ڪمار هيراڻيءَ تصديق ڪئي آهي ته منا ڀائي فلم تيار ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ سنجي دت ۽ ارشد وارثي مُک ڪردارن ۾ هوندا.
راج ڪمار هيراڻيءَ پنهنجي ايندڙ او ٽي ٽي سيريز پريتم پيڊور جي مشهوري مهم دوران ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ تصديق ڪئي ته ٽيم فرنچائز جي ٽئين حصي لاءِ اسڪرپٽ تي ڪم ڪري رهي آهي.
ڪيئي سال اڳ فلم ”منا ڀائي چلي آمريڪا“ جو ٽيزر جاري ٿيڻ جي باوجود فلم نه ٺهڻ بابت سوال تي فلمساز راج ڪمار هيراڻيءَ ٻڌايو ته فلم جو ٽريلر گهڻو اڳ ٺاهيو ويو هو، اسان ان وقت اسڪرپٽ لکي رهيا هئاسين، اسان ٽريلر ۾ اهو ڏيکاريو ته مُنا ۽ سرڪٽ آمريڪا وڃي رهيا آهن ته اتي ڇا ڪن ها؟ ظاهر آهي هو انگريزي سکن ها، اسان ان خيال تي ٻڌل ڪجهه مواد تيار ڪيو هو، پر اسان اهو اسڪرپٽ ڪڏهن مڪمل نه ڪري سگهياسين.

 

You might also like