فيفا ورلڊ ڪپ: آسٽريا 72 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو ناڪ آئوٽ رائونڊ ۾ پهچي ويو، ايران ٽورنامينٽ مان ٻاهر

فيفا ورلڊ ڪپ ۾ الجزائر ۽ آسٽريا جي ٽيمن رائونڊ آف 32 لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ايران ايونٽ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
آسٽريا جي ٽيم 72 سالن ۾ پهرين ڀيري ميگا ايونٽ جي ناڪ آئوٽ راؤنڊ ۾ پهتي آهي، جتي ان جو مقابلو اسپين سان ٿيندو.
ان کانسواءِ ناڪ آئوٽ رائونڊ ۾ الجزائر سوئٽزرلينڊ سان مهاڏو اٽڪائيندي.
الجزائر ۽ آسٽريا جو ميچ برابر ٿيڻ ڪري بهتر گول ريٽ ۽ ڊفينس ريٽ جي بنياد تي الجزائر جي ٽيم رائونڊ آف 32 لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو جڏهن ته ايران جي ٽيم ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿي وئي.
هوڏانهن ارجنٽينا اردن کي هڪ جي مقابلي ۾ ٽن گولن تان شڪست ڏني، ارجنٽائن طرفان گيوائي، مارٽينز ۽ ميسي گول اسڪور ڪيا.
اردن جو واحد گول موسيٰ التماري اسڪور ڪيو، ارجنٽينا گروپ جا ٽئي ميچ کٽي 9 پوائنٽس حاصل ڪري ورتيون آهن.

 

You might also like