ارجنٽينا ليونل ميسي فيفا ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ لڳاتار 7 ميچن ۾ گول ڪندڙ پهريون رانديگر بڻجي ويو آهي، هن اردن خلاف گول ڪري نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪيو آهي.
ليونل ميسي، جسٽ فونٽين ۽ جائرزينيو جو لڳاتار 6 ميچن ۾ گول ڪرڻ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي.
ميسي اردن خلاف 80هين منٽ ۾ فري ڪِڪ تي شاندار گول ڪري ارجنٽينا جي سرسي کي 3-1 ڪري ڇڏي.
ميسي جي لڳاتار گول ڪرڻ جو سلسلو قطر ورلڊ ڪپ 2022 ۾ آسٽريليا خلاف ميچ کان شروع ٿيو هو.
هن 2022 واري ورلڊ ڪپ ۾ نيڌرلينڊز، ڪروشيا ۽ فرانس خلاف به گول ڪري ارجنٽينا کي عالمي چيمپيئن بڻايو هو.
واضح رهي ته جاري ورلڊ ڪپ ۾ ميسي پهريان الجزائر خلاف هيٽ ٽرڪ ۽ آسٽريا خلاف 2 گول ڪري چڪو آهي.
اردن خلاف گول کانپوءِ ورلڊ ڪپ ۾ ميسي جي ڪُل گولن جو انگ 19 ٿي ويو آهي.
ياد رهي ته فرانس جي جسٽ فونٽين 1958ع ۾ ۽ برازيل جي جائرزينيو 1970ع ۾ لڳاتار 6 ميچن ۾ گول ڪيا هئا.