فيفا ورلڊ ڪپ: ڪانگو پهريون ڀيرو ناڪ آئوٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري تاريخ لکي ڇڏي

فيفا ورلڊ ڪپ ۾ ڪانگو پهريون ڀيرو ناڪ آئوٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي.
آخري گروپ ميچ ۾ ڪانگو اُزبڪستان کي هڪ جي مقابلي ۾ ٽن گولن تان شڪست ڏني ۽ اهڙي طرح ميگا ايونٽ ۾ پهريون ڀيرو ناڪ آئوٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
هاڻي ڪانگو جو رائونڊ آف 32 ۾ انگلينڊ سان مقابلو ٿيندو.
ٻئي پاسي ڪولمبيا ۽ پرتگال وچ ۾ مقابلو بنا ڪنهن گول جي برابر رهيو، ايندڙ مرحلي ۾ ڪولمبيا جو ميچ گهانا سان ٿيندو، جڏهن ته پرتگال کي ڪروشيا سان مقابلو ڪرڻو پوندو.

 

You might also like