تهران (ويب ڊيسڪ) ايران چيو آهي ته آمريڪي حملا مفاهمتي يادداشت جي کليل ڀڃڪڙي آهن،
ايراني پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي حملا ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٿيل مفاهمت جي يادداشت جي واضح ڀڃڪڙي آهن، آمريڪا ايراني سامونڊي نگراني وارن ٿاڪن کي نشانو بڻائي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.
ايراني پرڏيهي وزارت موجب، ايراني فوج آمريڪي حملن جي ردعمل ۾ آمريڪا سان لاڳاپيل هدفن تي دفاعي ڪارروائيون ڪيون.
نار جي ڏاکڻي سامونڊي ڪناري تي قائم ملڪ پنهنجي سرزمين ايران خلاف ڪنهن به حملي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏين.
You might also like